ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ): خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي اڳواڻي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو لانگ مارچ جاري آهي، مارچ جا شرڪت ڪندڙ ڪوهاٽ پهچي ويا، جتان اڄ پشاور لاءِ روانا ٿيندا. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته بند ڪمرن ۾ ٿيندڙ فيصلا قبول ناهن، صوابي ۾ ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪنداسين. هن چيو ته اسان جا مطالبا جائز ۽ آئيني آهن، دنيا جي سموري دولت ڏئي به مون کي خريد نٿو ڪري سگهجي. سهيل آفريدي وڌيڪ چيو ته 8 آڪٽوبر تي ٽي ٽوئنٽي ميچ شروع ٿيندو.
لانگ مارچ جو قافلو هاڻي پشاور بدران خيبر ويندو، سهيل آفريدي طرفان روٽ تبديل ڪرڻ جو اعلان
وزيراعليٰ خيبر پختونخوا سهيل آفريدي جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جو ٽيون ڏينهن آهي. ڪوهاٽ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي لانگ مارچ جو روٽ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته لانگ مارچ جو قافلو هاڻي پشاور بدران خيبر ويندو، جڏهن ته باني پي ٽي آءِ جي آزادي تائين لانگ مارچ جاري رهندو. سهيل آفريدي جي مختصر خطاب کانپوءِ لانگ مارچ جا شرڪت ڪندڙ ڪوهاٽ کان ضلعي خيبر ڏانهن روانا ٿي ويا.
محمود خان اچڪزئي اپوزيشن کي حڪومت سان ڳالهين بابت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون
ذريعن موجب، اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچکزئي اخونزاده حسين يوسفزئي جي ذريعي اپوزيشن اڳواڻن ڏانهن پيغام موڪليو آهي.ذريعن موجب محمود اچکزئي چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت رابطو ڪري ته مثبت جواب ڏنو وڃي. هن چيو ته حڪومت طرفان رابطي جي صورت ۾ پهرين شرط باني پي ٽي آءِ سان ملاقات هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سندس ڀينرن جي آزادي سان حڪومت مثبت اڳڀرائي جي شروعات ڪري سگهي ٿي.محمود اچکزئي جو چوڻ هو ته جيڪڏهن باني پي ٽي آءِ سان ملاقات نه ٿي ته وزيراعظم سان ملاقات بي معنيٰ هوندي، جڏهن ته باني سان ملاقات نه ٿيڻ جي صورت ۾ وزيراعظم سان ملاقات کان انڪار ڪرڻ تي غور ڪري سگهجي ٿو.ترجمان تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان چيو آهي ته اپوزيشن اتحاد جو وفد اڄ مولانا فضل الرحمان جي گهر ملاقات لاءِ ويندو. وفد ۾ بيرسٽر گوهر، اسد قيصر، سلمان اڪرم راجا ۽ علامه راجا ناصر عباس شامل هوندا. ملاقات دوران خيبرپختونخوا جي صورتحال، حڪومت سان ڳالهين ۽ پارلياماني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
ڳالهين ۾ وڏو بريڪ ٿرو ٿيو هو، آفريدي جي شرطن سبب عمل ناڪام ٿيو
رياست ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين بابت اهم دعويٰ سامهون اچي وئي آهي، مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ڳالهين ۾ وڏو بريڪ ٿرو ٿي چڪو هو، سياسي معاملن تي اتفاق راءِ لاءِ اڳڀرائي به ٿي وئي هئي، پر آخري وقت ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جا شرط ڳالهين جي ناڪامي جو سبب بڻيا.پريس ڪانفرنس ڪندي طلال چوڌري چيو ته ڳالهين جي پهرين ڏينهن ئي خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جو معاملو اٿاريو ويو، جنهن تي ڳالهين ۾ شامل ڌرين اتفاق ڪيو ۽ ان معاملي تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته ڳالهين ۾ شامل ڪجهه اڳواڻ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سان ملاقات لاءِ پشاور ويا، جتان واپس اچڻ بعد کين يقين ڏياريو ويو ته ڪي پي حڪومت دهشتگردي جي معاملي تي اتفاق ڪري ٿي. طلال چوڌري موجب ان کانپوءِ وزيراعظم هدايت ڪئي ته اپوزيشن کي جيتري سياسي گنجائش ڏئي سگهجي ٿي، ڏني وڃي. ڳالهين جي ٻئي ڏينهن تيار ڪيل پهرين مسودي ۾ تقريبن سمورن سياسي معاملن تي اتفاق ٿي ويو هو، جنهن ۾ باني پي ٽي آءِ جي صحت سميت ٻيا معاملا پڻ شامل هئا. مملڪتي گهرو وزير ان اڳڀرائي کي ”ميثاق جمهوريت ٽو“ قرار ڏيندي چيو ته ڳالهين ۾ اهو هڪ وڏو بريڪ ٿرو هو، پر آخري مرحلي ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سان مسلسل رابطا رهيا ۽ سندس شرطن سبب ڳالهين جو عمل اڳتي نه وڌي سگهيو. طلال چوڌري چيو ته دهشتگردي جي معاملي تي حڪومت 100 سيڪڙو سهڪار چاهي ٿي ۽ ان حوالي سان قومي ايڪشن پلان تي عمل ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته سياسي ڳالهين جو عمل اڳتي وڌي سگهي ٿو، پر ان لاءِ ڪجهه شرطون پوريون ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته پشاور ۾ لانگ مارچ سبب امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جيستائين اهڙا معاملا ختم نه ٿيندا ۽ گهرو وزير جي ٽوئيٽ تي مڪمل عمل نه ٿيندو، ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ڏکيو هوندو. طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته هن ڀيري جيڪا غلط فهمي ختم ٿيندي، ان کانپوءِ ملڪ ۾ ٻيهر مارچ نه ٿيندو. هن دهشتگردي جي سهولتڪارن خلاف سختي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته هاڻي ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي.
پهريون ڀيرو ڏٺو آهي تہ وڏو وزير تحريڪ هلائي رھيو آهي: زاهد خان
مسلم ليگ ن جي اڳواڻ زاهد خان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هڪ قيدي جي آزادي لاءِ اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ جو ڪو جواز نٿو بڻجي، جڏهن ته دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ۽ ڪرپشن عروج تي آهي.هڪ بيان ۾ زاهد خان چيو ته احتجاج لاءِ سرڪاري وسيلن جو بي دريغ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ هي پهريون ڀيرو ڏسي رهيو آهي ته ڪو وڏو وزير پاڻ تحريڪ هلائي رهيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي جا تانا بانا دهلي ۽ ڪابل تائين ملن ٿا، تنهن ڪري خيبرپختونخوا حڪومت کي ڪنهن کان هدايتون وٺڻ بدران صوبي جي عوام جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. زاهد خان جو چوڻ هو ته وڏي وزير کي احساس ناهي ته صوبي جي عوام جو ڇا ٿيندو، عوام مينڊيٽ ڏنو آهي ته انهن جي مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته مسئلن جو حل ويهي ڳالهين ذريعي ڪڍيو ويندو آهي، ان ڪري حڪومت کي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ڌيان ڏيڻ گهرجي.
دهشتگردي اهڙو مسئلو آهي، جنهن تي سمجهوتو نٿو ٿي سگهي: اسد عمر
اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته دهشتگردي اهڙو مسئلو آهي، جنهن تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي، مسئلي جو حل طاقت بدران ڳالهين ۽ گڏيل ڪوششن سان ڳولڻ گهرجي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته گذريل سال خيبرپختونخوا حڪومت سمورين سياسي پارٽين تي ٻڌل جرڳو گهرايو هو، ان جرڳي جي پڌرنامي جي بنياد تي دهشتگردي جي مسئلي جو حل ڳولڻ گهرجي. هن چيو ته هر مسئلو کیل ناهي هوندو ۽ هر مسئلي جو حل هٿوڙو به ناهي هوندو، ان ڪري حالتن کي سمجهندي مناسب طريقي سان مسئلا حل ڪرڻ گهرجن. واضح رهي ته اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر ان کان اڳ به چيو هو ته حڪومت پي ٽي آءِ کي ڀت سان لڳائي ڇڏيو آهي. صوبن جي قيام بابت ڳالهائيندي اسد عمر جو چوڻ هو ته نوان صوبا ٺاهڻ جي عمل ۾ پي ٽي آءِ باني کي به گڏ رکڻ گهرجي، ڇو ته باني پي ٽي آءِ جي شموليت کانسواءِ نون صوبن جو تصور مڪمل نٿو ٿئي.










