مارچ ۽ ڌرڻا ختم ڪريو، ڳالهين لاءِ تيار آهيون: وزيراعظم

مارچ ۽ ڌرڻا ختم ڪريو، ڳالهين لاءِ تيار آهيون: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو آهي ته مارچ ۽ ڌرڻا ختم ڪيا وڃن ته پوءِ ڳالهين لاءِ تيار آهيون. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڍائي سالن جي محنت ۽ ٽيم ورڪ ذريعي ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ويو آهي، جڏهن ته ميڪرو اڪنامڪ استحڪام وڏي مشڪل سان حاصل ڪيو ويو. هن چيو ته اها قوم جي خواهش ۽ هر پاڪستاني جي آواز آهي ته پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ بڻايو وڃي، پر بدقسمتي سان ڳالهين کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اسان جون ڪوششون نتيجا نه ڏئي سگهيون. وزيراعظم چيو ته هڪ طرف ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو عمل جاري آهي، ته ٻئي طرف احتجاجن سبب برآمدات، درآمدات ۽ پيداواري شعبي جي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. ڌرڻن ۽ احتجاج جي سياست جو پهريون نشانو ملڪي معيشت بڻجندي. شهباز شريف چيو ته ڇا ترقي جو ڦيٿو ٻيهر روڪڻ ملڪ دشمني ناهي؟ هوش کان ڪم وٺو ۽ ڌرڻا ختم ڪريو. ڇا توهان پاڪستان جي عالمي ساک کي نقصان پهچائڻ چاهيو ٿا؟هن واضح ڪيو ته مارچ ۽ ڌرڻا ختم ڪيا ويندا ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو