اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي، 5 خارجي مارجي ويا

اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي، 5 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ عزمِ استحڪام ويزن تحت فتنه الخارج خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري آهن.سيڪيورٽي ذريعن موجب اتر وزيرستان ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 5 خارجي مارجي ويا، جڏهن ته 2 زخمي ٿيا.ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ فتنه الخارج جي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو. سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز خارجين جي چرپر تي مسلسل نظر رکندي انٽيليجنس جي بنياد تي فيصلائتي ڪارروائي ڪئي. سيڪيورٽي فورسز عزمِ استحڪام ويزن تحت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ پائيدار امن جي قيام لاءِ پرعزم آهن.
صدر ۽ وزيراعظم پاران سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا
صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي. هن ڪارروائي دوران 5 خوارج جي مارجي وڃڻ ۽ 2 جي زخمي ٿيڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. صدر زرداري چيو ته سيڪيورٽي فورسز جون بروقت ۽ اثرائتيون ڪارروايون دهشتگرد عنصرن جا مقصد ناڪام بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. صدر چيو ته فتنه الخوارج خلاف ڪارروايون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهنديون. وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي ڀيٽا پيش ڪندي فورسز کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز فتنه الخوارج خلاف بروقت ۽ فيصلائتي ڪارروائي ڪري دهشتگردن جا مقصد ناڪام بڻائي ڇڏيا. دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج خلاف ڪارروايون جاري رهنديون. سندس چوڻ هو ته عزمِ استحڪام ويزن تحت دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ۽ پائيدار امن حڪومت جي اولين ترجيح آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو