قتل ڪيس ۾ صلح کان اڳ قانوني وارثن جو تعين ضروري قرار

قتل ڪيس ۾ صلح کان اڳ قانوني وارثن جو تعين ضروري قرار

لاهور(ويب ڊيسڪ) عورت جي قتل ڪيس ۾ صلح جي موقعي تي ٻه مڙس سامهون اچڻ بعد لاهور هاءِ ڪورٽ قانوني وارثن جو تعين ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ مقتولا ثميره بي بي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار مقصود احمد جي درخواست تي 9 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت سيشن جج بهاولنگر کي شاهد ۽ ممتاز احمد جي متضاد دعوائن جي مڪمل جاچ، لاڳاپيل دستاويزن ۽ شاهدين جو رڪارڊ تيار ڪري 3 هفتن اندر رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.فيصلي موجب ثميره بي بي کي 5 جون 2018ع تي چڪ قاسما ۾ ڪهاڙي جا وار ڪري قتل ڪيو ويو هو. مقتولا جي والد الله ڏتي جي درخواست تي ٿاڻي تخت محل بهاولنگر ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. ٽرائل ڪورٽ 15 مئي 2019ع تي مقصود احمد کي تعزيرات پاڪستان جي قلم 302(ب) تحت عمر قيد ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي، جڏهن ته شريڪ جوابدار نياز احمد کي بري ڪيو ويو هو. جوابدار سزا خلاف هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو ۽ اپيل دوران مقتولا جي والدين سان صلح جي بنياد تي ضابطه فوجداري جي قلم 345 تحت بريت جي درخواست داخل ڪئي. صلح جي موقعي تي مقتولا جي قانوني وارث هجڻ بابت تڪرار سامهون آيو.مقتولا جي والدين شاهد کي ثميره جو مڙس قرار ڏنو، جڏهن ته ممتاز احمد دعويٰ ڪيو ته شاهد سان ثميره جي شادي فيملي ڪورٽ ذريعي ختم ٿي چڪي هئي ۽ هن 17 آگسٽ 2017ع تي ثميره سان شادي ڪئي، تنهن ڪري هو سندس قانوني مڙس ۽ وارث آهي.هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو ته قتل جي ڪيس ۾ صلح ۽ حقِ قصاص تان دستبرداري لاءِ حقيقي قانوني وارثن جي رضامندي بنيادي شرط آهي. جيڪڏهن قانوني وارث هجڻ بابت تڪرار موجود هجي ته عدالت لاءِ ضروري آهي ته پهريان جاچ ڪرائي حقيقي وارثن جو تعين ڪري. عدالت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو حوالو ڏيندي قرار ڏنو ته قانوني وارثن جو تعين به ان ئي عدالت کي ڪرڻ گهرجي، جنهن آڏو صلح جي درخواست ٻڌڻي هيٺ هجي. هاءِ ڪورٽ چيو ته سيشن عدالت ٻنهي دعويدارن جي موقف ۽ شاهدين جو مناسب جائزو نه ورتو ۽ کين هڪ ٻئي جي شاهدين تي مڪمل جرح جو موقعو پڻ فراهم نه ڪيو. فيصلي ۾ وڌيڪ قرار ڏنو ويو ته جيڪڏهن شاهدين مان قتل غيرت جي نالي يا غيرت جي بهاني تي ثابت ٿيو ته تعزيرات پاڪستان جي قلم 311 تحت رڳو وارثن جي صلح جي بنياد تي جوابدار جي بريت لازمي نه هوندي، پر عدالت تعزيري سزا پڻ ڏئي سگهي ٿي. هاءِ ڪورٽ قانوني وارثن جي تعين تائين صلح جي درخواست تي حتمي فيصلو ملتوي ڪندي معاملو سيشن جج بهاولنگر ڏانهن واپس موڪلي ڇڏيو ۽ 3 هفتن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو