اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش اسلام آباد پهچي ويو، جتي قائم مقام پرڏيهي سيڪريٽري سفير نبيّل منير مهمان جو استقبال ڪيو. انتونيو گوتريش اڄ کان 8 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو، جنهن دوران هو صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ملاقاتون ڪندو.پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير سان پڻ ملاقات ڪندو. دوري دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، جڏهن ته عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو ويندو. ان موقعي تي انتونيو گوتريش کي پاڪستان ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ ابتدائي خبرداري واري نظام ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويندو.










