ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪي سائنسدان ڪارل ڊائيسرٿ ۽ جرمنيءَ جي سائنسدانن پيٽر هيگيمان ۽ جارج ناگل کي دماغ جي ڪم ڪرڻ واري طريقي کي سمجهڻ ۾ مددگار روشني ۽ ”آپٽو جينيٽڪس“ بابت اهم دريافتن تي سومر ڏينهن 2026ع جو نوبيل انعام براءِ جسمانيات ۽ طب ڏنو ويو.
سويڊن جي ڪارولينسڪا انسٽيٽيوٽ جي نوبيل اسيمبلي چيو ته 54 ورهين جي ڊائيسرٿ، 71 ورهين جي هيگيمان ۽ 73 ورهين جي ناگل کي ”روشني سان فعال ٿيندڙ آئن چينلز ۽ آپٽو جينيٽڪس بابت دريافتن“ تي چونڊيو ويو آهي.
ڪارولينسڪا انسٽيٽيوٽ ۾ نوبيل اسيمبلي جي سيڪريٽري جنرل ٿامس پرلمان چيو ته آپٽو جينيٽڪس ذريعي ”زنده دماغ ۾ موجود انفرادي عصبي خلين جي سرگرمي کي آن يا آف ڪرڻ ممڪن بڻجي ويو آهي.“
هن چيو ته ”هي طريقو هاڻي سڄي دنيا جي تحقيقي ادارن ۾ دماغ جا راز سمجهڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.“
طبي تجربن دوران محققن ”ريٽينائٽس پگمينٽوسا“ نالي بيماري سبب نظر کان محروم ٿيل ماڻهن جي نظر بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن لاءِ اک جي پردي ۾ روشنيءَ سان حساس پروٽين داخل ڪيو پيو وڃي.
محققن کي اميد آهي ته آپٽو جينيٽڪس جي مدد سان ڪوڪليا امپلانٽس کي به وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو، جنهن سان موجوده برقي اوزارن جي ڀيٽ ۾ ٻڌڻ واري عصبي رڳ کي وڌيڪ درست نموني متحرڪ ڪرڻ ممڪن ٿيندو.
فزيالاجي يعني جسمانيات ۽ طب جو نوبيل انعام روايتي طور هر سال نوبيل انعامن جي اعلانن جي شروعات ڪندو آهي. ان کان پوءِ ايندڙ ڏينهن ۾ فزڪس، ڪيمسٽري، ادب، امن ۽ معاشيات جا انعام ڏنا ويندا آهن.
ڊائيسرٿ، هيگيمان ۽ ناگل وچ ۾ مجموعي طور 12 ملين سويڊش ڪرائون، يعني لڳ ڀڳ 1.2 ملين ڊالر، انعامي رقم ورهائي ويندي.
انعام ماڻيندڙ حيران ۽ خوش
1990ع جي شروعات ۾ پيٽر هيگيمان ان ڳالهه جو مطالعو ڪيو ته ”ڪلامائيڊوموناس“ نالي سامونڊي ڪائي روشنيءَ تي اڌ ملي سيڪنڊ اندر ڪيئن ردعمل ظاهر ڪري ٿي. هن جو خيال هو ته هڪ واحد پروٽين روشني کي محسوس ڪري آئن چينل طور ڪم ڪندو آهي.
جارج ناگل هن مفروضي کي جانچڻ لاءِ ڪلامائيڊوموناس جا جين ڏيڏر جي آنن ۾ داخل ڪيا ۽ ”چينل روڊوپسن-2“ دريافت ڪيو، جيڪو اهڙو آئن چينل آهي، جيڪو روشني پوڻ سان کلي ويندو آهي.
2003ع ۾ ٻنهي سائنسدانن تحقيق شايع ڪئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هي پروٽين انساني ۽ هيمسٽر جي خلين ۾ داخل ڪري، روشني جي مدد سان برقي سگنل پيدا ڪري سگهجن ٿا.
2005ع ۾ اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي ڪارل ڊائيسرٿ چُوهي جي عصبي خلين ۾ هن طريقي جو عملي مظاهرو ڪيو ۽ هڪ سال پوءِ هن طريقي کي ”آپٽو جينيٽڪس“ جو نالو ڏنو ويو.
ٿامس پرلمان ٻڌايو ته هن سومر جي صبح ٽنهي نوبيل انعام ماڻيندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اهي انعام ملڻ تي حيران ۽ تمام گهڻو خوش هئا.
پرلمان موجب، ”ٽنهي هڪ ئي ڳالهه ڪئي ته ٻين ٻن ساٿين سان گڏ هي انعام حاصل ڪرڻ سندن لاءِ انتهائي شاندار ڳالهه آهي ۽ اهي هڪ ٻئي کي پنهنجو دوست سڏين ٿا. انهن لاءِ گڏجي اهو اعزاز حاصل ڪرڻ وڏي عزت جي ڳالهه آهي.“
1901ع کان نوبيل انعام
اصل پنج نوبيل انعام سويڊن جي موجد ۽ صنعتڪار الفريڊ نوبيل جي وصيت تحت قائم ڪيا ويا ۽ 1901ع کان ڏنا پيا وڃن، جيتوڻيڪ پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ دوران ڪجهه محدود وقفا آيا.
ڇهون انعام، يعني معاشيات جو نوبيل انعام، 1968ع ۾ سويڊن جي مرڪزي بئنڪ ”رڪس بئنڪ“ قائم ڪيو.
طب جي نوبيل انعام ذريعي گذريل هڪ صديءَ دوران سائنس جي ڪجهه انتهائي اهم دريافتن کي مڃتا ڏني وئي آهي. انهن ۾ اليگزينڊر فليمنگ جي پينسلين بابت تحقيق به شامل آهي، جنهن تي کيس 1945ع ۾ نوبيل انعام ڏنو ويو، جڏهن ته ڪارل لينڊ اسٽائنر کي انساني رت جا مختلف گروپ دريافت ڪرڻ تي 1930ع ۾ اهو انعام مليو.
گذريل سال آمريڪي سائنسدانن ميري برنڪو ۽ فريڊ ريمسڊيل ۽ جاپان جي شيمون ساڪگوچي کي مدافعتي نظام بابت تحقيق تي نوبيل انعام ڏنو ويو هو. سندن تحقيق مان اهو سمجهڻ ۾ مدد ملي ته جسم جو مدافعتي نظام صحتمند خلين کي ڪيئن بچائيندو آهي، جنهن سان ڪينسر جهڙين بيمارين جي نون ممڪنه علاج لاءِ رستا کلي سگهن ٿا.
نوبيل انعام ماڻيندڙن جي چونڊ انهن ادارن طرفان مقرر ڪيل ماهر ڪميٽيون ڪنديون آهن، جيڪي انعام ڏيڻ جون ذميوار آهن.
انعامن جي تقريب اسٽاڪ هوم ۾ ٿيندي آهي، جڏهن ته امن جو نوبيل انعام اوسلو ۾ ڏنو ويندو آهي. اها روايت اڪثر ان اتحاد سان ڳنڍي وڃي ٿي، جنهن الفريڊ نوبيل جي حياتيءَ دوران سويڊن ۽ ناروي کي پاڻ ۾ ڳنڍي رکيو هو.
الفريڊ نوبيل جي وصيت تي صحيح ڪرڻ کان 125 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود نوبيل انعامن سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي پراڻيون روايتون اڄ به برقرار آهن.
تقريبن جو سلسلو 10 ڊسمبر تي پنهنجي عروج تي پهچندو آهي، جيڪو الفريڊ نوبيل جي وفات جو ڏينهن آهي. ان ڏينهن نوبيل انعام ماڻيندڙن کي سويڊن ۽ ناروي جي شاهي خاندانن جي موجودگيءَ ۾ ٿيندڙ تقريبن دوران انعام ڏنا ويندا آهن ۽ سندن اعزاز ۾ شاندار دعوتون پڻ منعقد ڪيون وينديون آهن.










