اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي موجودا صورتحال تي وزيراعظم شهباز شريف ٻيهر صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران خيبرپختونخوا جي صورتحال ۽ اپوزيشن سان ٿيل ڳالهين جو جائزو ورتو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ يا ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي آپشن تي پڻ غور ويچار ٿيڻ جو امڪان آهي.










