حيدرآباد ( پ ر) سنڌ آبادگار بورڊ سنڌ ۾ سارين جي اگهه ۾ وڏي پيماني جي لاٿ ۽ مختلف بهانن سان ناجائز ڪٽوتين تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي ان کي سارين جي آبادگارن سان ٻٽو ظلم قرار ڏنو آهي ۽ حڪومت تي زور ڀريو آهي ته انهن معاملن کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ فوري اثرائتا اپاءِ ورتا وڃن.
اهڙو مطالبو حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ ڪيل متفقه فيصلي ۾ ڪيو ويو آهي. اجلاس صدر محمود نواز شاهه جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنھن ۾ ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي، سيد زين شاھ، محمد ملوڪ نظاماڻي، اسلم مري، عمران بوزدار، طاحا ميمڻ، ارباب احسن، خالد احمد ميمڻ، امير علي ٿيٻو، مراد علي شاھ بُڪيرائي ۽ مختلف ضلعن جي آبادگارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سارين جي آبادگارن سان لاڳاپيل مسئلن سميت زراعت جي اهم معاملن تي بحث ڪيو ويو.
سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ پوک سارين جي ڪئي وڃي ٿي جيڪو نه رڳو آبادگارن جو هڪ اهم معاشي وسيلو آهي پر ملڪ لاءِ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جو پڻ هڪ اهم ذريعو آهي، ان جي باوجود سارين جا آبادگار لاڳيتو ان سان لاڳاپيل ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آهن جن مان سڀ کان وڏو مسئلو آبادگارن کي سارين جو مناسب اگهه نه ملڻ آهن.
سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته سنڌ ۾ اٽڪل 20 لک ايڪڙن تي ساريون پوکيون وڃن ٿيون، جڏهن ته اٽڪل 90 سيڪڙو چانور ايڪسپورٽ ٿين ٿا، پر ساريون پوکيندڙ آبادگار پنهنجي پوک جي مناسب معاوضي کان به محروم رهن ٿا. اهي واپارين جي هٿان ڦرجندا رهن ٿا پر حڪومت ان معاملي کي نبيرڻ لاءِ ڪي اثرائتا اپاءِ نه وٺي رهي آهي.
سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته ٻه سال اڳ سارين جو في مڻ اگهه 3400 روپيا هو جيڪو هن سال ويتر گهٽجي 2400 روپيا ٿي ويو آهي. جڏهن ته ان جي پيداواري خرچن ۾ لاڳيتو واڌ ئي ٿيندي رهي ٿي، جنهن ڪري آبادگار مالي طور ڪمزور ٿيندا پيا وڃن. سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته سارين جا واپاري ۽ ڪارخانيدار هڪ هٽي قائم ڪري آبادگارن کي پيڙهي رهيا آهن، هڪ پاسي آبادگارن کي اگهه گهٽ ٿو ملي ته ٻي پاسي سارين ۾ گهم، مزدوري ۽ ٻين مختلف بهانن سان ناجائز ڪٽوتيون ڪري انهن سان ظلم ڪيو پيو وڃي.
سنڌ آبادگار بورڊ ان جي پڻ نشاندهي ڪئي ته ڪوٽڙي بيراج تي گهربل پاڻي دير سان ملڻ جي ڪري ان سان لاڳاپيل علائقن ۾ سارين جي پاڇاٽي پوک ڪئي وئي، ان ڪري جيڪڏهن انهن آبادگارن کي 15 نومبر تائين پاڻي نه ملندو رهندو ته انهن پاڇاٽين سارين جي پوک متاثر ٿيندي. ان ڪري اهو ضروري آهي ته انهن کي گهربل پاڻي ملندو رهي.










