پوليس ڪارروايون، 990 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار

پوليس ڪارروايون، 990 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس گذريل هڪ هفتي دوران ڪاررواين ۾ 990 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب مختلف هنڌن تي 32 مبينا مقابلا ٿيا، جن دوران 41 زخمي ڦورن سميت 51 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.گرفتار جوابدارن وٽان 34 ڪلو 803 گرام چرس، 2 ڪلو 802 گرام آئس/ڪرسٽل ۽ هيروئن هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته 167 غيرقانوني هٿيار ۽ 4 هينڊ گرنيڊ پڻ هٿ ڪيا ويا.هڪ هفتي دوران پوليس 49 موٽرسائيڪلون ۽ 4 وڏيون گاڏيون پڻ هٿ ڪيون. گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو