ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات ئي ٻاڙائي سان ٿي، هينڊريڊ انڊيڪس ۾ 1200 کان وڌيڪ پوائنٽن جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ڪاروبار شروع ٿيڻ تي هينڊريڊ انڊيڪس 1200 کان وڌيڪ پوائنٽس گهٽجڻ کانپوءِ هڪ لک 66 هزار 850 پوائنٽن جي سطح تي اچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو هينڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 68 هزار 155 پوائنٽن جي سطح تي بند ٿيو هو.










