وزيراعليٰ سهيل آفريدي جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ شروع

وزيراعليٰ سهيل آفريدي جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ شروع

لڪي مروت(ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سهيل آفريدي جي اڳواڻي ۾ لڪي مروت جي گنڊي چوڪ کان لانگ مارچ شروع ٿي ويو. جنيد اڪبر سميت پي ٽي آءِ جا ٻيا اڳواڻ پڻ وزيراعليٰ سهيل آفريدي سان گڏ لانگ مارچ ۾ شريڪ آهن.سهيل آفريدي چيو آهي ته لانگ مارچ 8 آڪٽوبر تي خيرآباد پهچندو، جتان اڳتي جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو.

خيبرپختونخوا حڪومت دهشتگردي روڪي نٿي سگهي، پکيڙڻ جي ذميوار آهي: عطا تارڙ

وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخوا حڪومت دهشتگردي کي هٿي ڏئي رهي آهي ۽ صوبي ۾ دهشتگردي جي پکيڙ جي ذميوار پڻ آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا هر ڀيري ڳالهائڻ کانپوءِ پنهنجي موقف تان ڦري ويندا آهن ۽ يوٽرن وٺندا آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ پنهنجي ٻٽي معيار کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. عطا تارڙ موجب خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي ترجيح هڪ قيدي کي آزاد ڪرائڻ آهي، جڏهن ته صوبي جي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ سندس ترجيحن ۾ شامل ناهي.

اسان جو هڪ ئي مطالبو آهي، سياسي قيادت کي باني پي ٽي آءِ تائين رسائي ڏني وڃي: اسد قيصر

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته سندن هڪ ئي مطالبو آهي ته سياسي قيادت کي باني پي ٽي آءِ تائين رسائي ڏني وڃي، ڇو ته ڊيڊلاڪ جو بنيادي سبب پڻ باني پي ٽي آءِ تائين رسائي وارو معاملو آهي.ويڊيو بيان ۾ اسد قيصر چيو ته حڪومت جو موقف هو ته باني پي ٽي آءِ تائين رسائي وارو معاملو معاهدي ۾ شامل نه ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن سياسي قيادت کي باني پي ٽي آءِ تائين رسائي ئي نه ڏني ويندي ته پوءِ مشاورت ڪيئن ٿيندي؟هن چيو ته مسلم ليگ (ن) هر معاملي تي نواز شريف يا شهباز شريف سان صلاح مشورو ڪندي آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي به معاملن تي بلاول ڀٽو زرداري يا آصف علي زرداري سان مشاورت ڪندي آهي. اسد قيصر چيو ته خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وفاق ۽ صوبي وچ ۾ اثرائتي مشاورت ضروري آهي، تنهنڪري 72 ڪلاڪن اندر وفاق ۽ صوبي جو اجلاس گهرايو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته امن امان بابت جامع ۽ متفقه لائحه عمل تيار ڪيو وڃي، جنهن ۾ سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪيو وڃي.

دهشتگردي خلاف تعاون واري ڊرافٽ تي صحيحن کان انڪار، ڳالهين جي ناڪامي جو سبب بڻيو: شيري رحمان

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته ملڪ کي انتشار کان بچائڻ لاءِ گذريل ٻن ڏينهن کان ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي، پر خيبرپختونخوا حڪومت پاران دهشتگردي خلاف تعاون واري ڊرافٽ تي صحيحون ڪرڻ کان انڪار سبب ڳالهيون ناڪام ٿي ويون.شيري رحمان چيو ته ڳالهين دوران هر شق تي صبر ۽ مستقل مزاجي سان غور ڪيو ويو، خدشا ٻڌا ويا ۽ پنهنجي قيادت سان پڻ مشاورت ڪئي وئي، جڏهن ته ڊرافٽ ۾ چار ڀيرا تبديليون ڪيون ويون، پر دهشتگردي جي معاملي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته بار بار چيو ويو ته خيبرپختونخوا حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي سينيئر قيادت کي ڳالهين ۾ شامل ڪيو وڃي، پر وزيراعليٰ سهيل آفريدي يا ڪابينا جو ڪو نمائندو ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ نه آيو. شيري رحمان موجب رات ساڍي 8 وڳي تائين تقريبن سمورا معاملا طئي ٿي چڪا هئا، پر ان کانپوءِ پشاور حڪومت نيون شرطون رکڻ شروع ڪيون. هن چيو ته پنهنجي 25 سالن جي پارلياماني زندگيءَ دوران اهڙو موقعو ضايع ٿيندي ناهي ڏٺو. ڳالهين جو عمل آچر جي صبح تائين ختم نه ڪيو ويو ۽ ٻئي ڌر لاءِ ڳالهين جا دروازا کليل رکيا ويا، پر ٻي ڌر جي ڳالهين ۾ واپس نه اچڻ سبب عمل ختم ٿي ويو.

وزيراعظم کي رانا ثناءُالله جو فون، پي ٽي آءِ سان ڳالهين بابت آگاهي

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سان سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُالله ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران هن پي ٽي آءِ سان جاري ڳالهين بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته رانا ثناءُالله وزيراعظم شهباز شريف کي ڳالهين دوران پيدا ٿيل ڊيڊلاڪ بابت پڻ بريفنگ ڏني.

وزيراعليٰ سهيل آفريدي پاران ڳالهين واري ڪميٽي کي موڪليل مسودو جاري

وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سهيل آفريدي ڳالهين واري ڪميٽي کي موڪليل مسودو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سياسي استحڪام، آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ جمهوري عمل جي تسلسل سميت مختلف تجويزون شامل آهن.سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ سهيل آفريدي چيو ته مسودي ۾ ڪو به غير آئيني يا غير قانوني مطالبو شامل نه هو، جڏهن ته سياسي استحڪام، آئين ۽ قانون جي بالادستي تي اتفاق ۽ جمهوري عمل جي تسلسل لاءِ ڪجهه معاملن تي اتفاق ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. مسودي ۾ وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن وچ ۾ باقاعده ملاقاتون ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جن دوران اهم سياسي، قومي، آئيني، قانوني ۽ جمهوري معاملن سان گڏ التوا هيٺ معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي. سهيل آفريدي چيو ته وزيراعظم حڪومتي اتحاد، پيپلزپارٽي ۽ مخالف ڌر جي پارٽين تي ٻڌل گڏيل ڳالهين واري ڪميٽي جوڙي. هن چيو ته جيل مينول ۽ لاڳو قانونن موجب عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي سندن حق ڏنا وڃن، جڏهن ته قانوني، انساني ۽ طبي حق بنا فرق فراهم ڪيا وڃن. مسودي ۾ چيو ويو آهي ته ملاقاتون قانون ۽ جيل جي قاعدن ۽ ضابطن موجب ڪرايون وڃن ۽ ملاقات جي سهولت کي سياسي يا ٻين مقصدن لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي. وزيراعليٰ سهيل آفريدي مطالبو ڪيو ته عورتن، بزرگن ۽ بيمار قيدين جي ڪيسن ۾ غير ضروري دير ختم ڪئي وڃي، جڏهن ته ياسمين راشد، بشريٰ بي بي سميت سياسي قيدي عورتن کي انساني همدردي جي بنياد تي آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته سمورا سياسي ۽ قومي معاملا باهمي مشاورت ۽ ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن، جڏهن ته سياسي ڳالهين واري ڪميٽي هڪ مهيني اندر قابلِ عمل سفارشون پيش ڪري. سهيل آفريدي موجب جمهوريت، سياست، عدليه ۽ صحافت جي آزادي کي مڪمل طور يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته وفاق طرفان لکت ۾ خاطري ڪرائڻ جي صورت ۾ پي ٽي آءِ موجوده لانگ مارچ منسوخ ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو