ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شاهراه فيصل تي ڊرگ روڊ انڊر پاس ڀرسان نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو. اکين ڏٺن شاهدن موجب حادثو ڊرگ روڊ انڊر پاس ڀرسان پيش آيو، جتي نامعلوم گاڏي موٽرسائيڪل سوار کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. ريسكيو اختيارين موجب اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي فوت ٿيل شخص جو لاش اسپتال منتقل ڪيو. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل موٽرسائيڪل سوار جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته حادثي بابت وڌيڪ ڪارروائي جاري آهي.










