پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبو بچائڻ لاءِ جيڪڏهن ايمرجنسي لڳائڻي پئي ته ضرور لڳائينداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته جڏهن صوبي جي صورتحال اهڙي ٿي وڃي ته صدر، وزيراعظم ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا مناسب سمجهن ته ايمرجنسي لڳائڻ جي گنجائش موجود آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ايمرجنسي لاڳو ٿي وئي ته هو اڪيلو ئي مخالفن لاءِ ڪافي آهي، جڏهن ته هن وقت اهي لڪي رهيا آهن ۽ گرفتاريون ڏئي رهيا آهن. گورنر ڪي پي چيو ته هو مخالفن وانگر رڳو ڀڙڪندڙ بيان نٿو ڏئي، جڏهن ميدان لڳندو ته پوءِ کين ڏسي وٺندو. هن سوال ڪيو ته لانگ مارچ ڪٿي ٿي رهيو آهي؟ ڇا پشاور ۾ ڪجهه ٿي رهيو آهي، ڪا ڪارنر ميٽنگ ٿي يا ڪو بينر نظر آيو؟فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته لانگ مارچ جي نالي تي رڳو پاڻمرادو گرفتاريون ۽ روپوشيون نظر اچي رهيون آهن. هن چيو ته پهريان صوابي ڪراس ڪري ڏيکارين، ڇو ته ڪا واضح پلاننگ نظر نٿي اچي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر چاهي ٿي ته مهينو لڳي وڃي، پر صوابي تائين










