واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران هاڻي جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جا سمورا منصوبا ڇڏي رهيو آهي. وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران بابت کيس هڪ فيصلو ڪرڻو آهي.هن چيو ته ايران تباهي جو شڪار ٿي چڪو آهي، هاڻي سوال اهو آهي ته هي معاملو آساني سان حل ٿئي ٿو يا ڏکي طريقي سان. آمريڪي صدر چيو ته معاملو آساني سان حل ٿئي يا ڏکي طريقي سان، آمريڪا ايران جو معاملو ڪنهن به طريقي سان حل ڪري وٺندو.










