لانگ مارچ ذريعي خطرناڪ منصوبو تيار ڪيو ويو آهي

لانگ مارچ ذريعي خطرناڪ منصوبو تيار ڪيو ويو آهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت جنهن کي انهي جي صوبائي قيادت جي مڪمل حمايت حاصل آهي، انهن خيبرپختونخواهه صوبي خاص طور تي پاڪستان ۾ پنهنجي ايندڙ لانگ مارچ جي ذريعي بدامني ۽ تشدد پکيڙڻ جو هڪ انتهائي خطرناڪ، ناپاڪ منصوبو تيار ڪري ورتو آهي.خواجه آصف ايڪس تي پنهنجو بيان جاري ڪندي چيو ته انهي ناپاڪ منصوبي کي سمجهڻ کان اڳ 15 جولاءِ 2024ع تي پيش آيل بنون واقعو جيان سمجهڻ تمام گهڻو ضروري آهي جنهن ۾ ٽي ٽي پي جي گل بهادر گروپ پهريان بنون ڪينٽ تي آپگهات حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 8 فوجي جوان شهيد ٿيا، جڏهن ته حملي جي چئن ڏينهن بعد 19 جولاءِ 2024 تي بنون ۾ هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ سياسي، قومپرست، شرپسند عناصر، جن ۾ تحريڪ انصاف ۽ پي ٽي ايم سان جڙيل گروپ به شامل ٿي ويا.هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته انهن پرتشدد مظاهرين ڪينٽ تي حملو ڪندڙ دهشتگردن جي خلاف آواز اٿارڻ جي بجاءِ، انهن شرپسند عناصرن ڄاڻي واڻي هجوم جو رخ سڌو سنئون ڪينٽ جي سپلائي ڊپو جي ٽٽل ڀت جو فائدو کڻي ڦر مار شروع ڪئي ۽ جڏهن سيڪيورٽي فورسز مزاحمت ڪئي ته هجوم طرفان فائرنگ شروع ڪئي وئي.هن چيو ته گڏيل اطلاعن موجب هن ڀيري به 4 آڪٽوبر کان شروع ٿيل لانگ مارچ جيڪو امڪاني طور تي هاڻ صرف خيبرپختونخواهه ۾ ئي گهمايو ويندو، تحريڪ انصاف صوبائي حڪومت پنهنجي فتنته الخوارج ساٿين جي مدد سان پارٽي جي شرپسند جٿن کي پهريان کان بنون اسٽائل جيان حملا ڪرڻ جي لاءِ منصوبه بندي ۽ تياري ڪري رکي آهي ته جيئن مظاهرين ۽ جلسي، جلوس جي آڙ ۾ فوجي يا پوليس ٺڪاڻن يا پوسٽن جي ڀرپاسي افراتفري پکيڙي بدامني ۽ انتشار پکيڙي سگهجي.خواجه آصف بيان ۾ چيو ته لانگ مارچ جي انهي شرپسند منصوبي جي خبر فوج ۽ لاڳاپيل انٽيليجنس ادارن کي وقت کان پهريان پئجي وئي آهي، انهي لاءِ 2 آڪٽوبر تي ٿيل ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي پڌرائي ۾ انتهائي سخت ۽ واضح انداز ۾ ٻڌايو ويو ته ڪوٽ ڪنهن به جواز يا بهاني جي تحت پرتشدد انتشار، رياستي ادارن تي حملا، يا 9 مئي جهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش سان قانون موجب بنا ڪنهن فرق ۽ فيصله ڪن انداز ۾ منهن ڏنو ويندو.هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهو واضح پيغام تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت ۽ لانگ مارچ جي منتظمين لاءِ وقت کان اڳ ڪليئر ڪٽ وارننگ آهي ته لانگ مارچ جي ڪنهن به مرحلي ۾ ڪنهن بهاني سان جيڪڏهن 9 مئي جهڙي دهشتگردي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هن ڀيري اهڙي هر ڪوشش کي مڪمل طور تي چيڀاٽيو ويندو ۽ اهڙي صورتحال پيدا ڪندڙن کي دهشتگردن جيان ٺڪاڻي لڳايو ويندو ته جيئن رياست تي دهشتگردن جي مدد سان پرتشدد حملن جو باب هميشه لاءِ بند ڪيو وڃي.دفاع واري وزير پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اهو ظاهر ٿيڻ گهرجي ته سياسي جدوجهد ۽ هٿياربند بغاوت ۾ واضح فرق آهي، سياسي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان ۽ سموري دنيا ۾ مثالون ۽ روايتون موجود آهن پر جڏهن سياسي جدوجهد جي لباس ۾ ڀارت اسپانسرڊ ٽي ٽي پي سان گڏجي هٿياربند بغاوت پيدا ڪئي ويندي ته اهو ملڪ جي سالميت تي حملو تصور ڪيو ويندو پوءِ دفاع جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو