ڀارتي هاءِ ڪميشن جي طلبي، ٻن شهرين جي شهادت تي احتجاج

ڀارتي هاءِ ڪميشن جي طلبي، ٻن شهرين جي شهادت تي احتجاج

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس جي فائرنگ سبب 2 پاڪستاني شهرين جي شهادت تي ڀارتي هاءِ ڪميشن کي طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.گذريل ڏينهن پاڪ ڀارت عالمي سرحد جي ڀرسان لدهڙ ڳوٺ سان تعلق رکندڙ 3 مقامي پاڪستاني شهري بارڊر پلر کان ڪجهه قدم اڳيان وڌيا ته ڀارتي بي ايس ايف اهلڪارن مبينه طور تي انهن کي بنا وارننگ جي فائرنگ جو نشانو بنايو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا شهيد جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.پرڏيهي وزارت موجب بيڊيان سيڪٽر ۾ ڀارتي بي ايس ايف اهلڪارن 2 پاڪستاني شهرين کي فائرنگ ڪري شهيد ڪيو جنهن تي ڀارتي هاءِ ڪميشن کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو آهي.پرڏيهي وزارت ڀارتي فورسز جي هٿين خالي شهرين تي فائرنگ کي بنا جواز قرار ڏئي فوت ٿي ويل شهرين کي در انداز قرار ڏيڻ جي ڀارتي ڪوشش کي به رد ڪندي چيو ته واقعو بنيادي انساني حقن ۽ زندگي جي حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، هٿين خالي شهرين جي خلاف طاقت جو استعمال بنا جواز ۽ انتهائي غير مناسب هو.پرڏيهي وزارت چيو ته واقعي عالمي قانون جي تحت شهرين جي تحفظ بابت سنگين خدشا پيدا ڪيا، ڀارت واقعي جي فوري، شفاف ۽ ڀروسي جوڳي جاچ ۽ ذميوار اهلڪارن جي خلاف قانوني ۽ محڪماڻي ڪارروائي ڪري.پرڏيهي وزارت ڀارتي هاءِ ڪميشن کي ڏنل احتجاجي خطي ۾ چيو آهي ته ڀارت جاچ جي نتيجن ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي کان پاڪستان کي آگاهه ڪري، ڀارت بنيادي انساني حقن ۽ عالمي قانون جو احترام يقيني بنائي ۽ سرحدي معاملن ۾ وڌ کان وڌ صبر جو مظاهرو ڪري اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ به موثر قدم کنيا وڃن.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فوت ٿي ويل شهرين ۾ عظمت رسول ولد عطاءُالله ۽ محسن جٽ شامل آهن ٻنهي جو تعلق جنان والي حويلي لدهڙ سان ٻڌايو ويو آهي، ٽنهي ماڻهن مان ڪنهن به سرحدي ڪنڊيدار تارون ٽپڻ جي ڪوشش نه ڪئي. هئي. سيڪيورٽي ذريعن ڀارتي فورسز طرفان پاڪستاني شهرين تي فائرنگ کي بارڊر معاهدي ۽ طئي ٿيل ايس او پيز جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو