سيوهڻ(ن س) ڀان سيدآباد ڀرسان سوئي گئس جي پائپ لائن ڦاٽڻ سبب ڀان سيدآباد، خدا آباد ۽ دادو سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. پوليس موجب باريجا اسٽاپ ڀرسان اڻڄاتل ماڻهن سوئي گئس لائين ۾ ليڪيج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن پارڪو آئل لائين سمجهي ڪلپ لڳائي، جنهن سبب گئس پائپ لائن ڦاٽي وئي. واقعي کانپوءِ ڀان سيدآباد ۽ دادو کي سوئي گئس جي فراهمي معطل ٿي وئي، جڏهن ته سوئي گئس انتظاميا واقعي واري هنڌ پهچي پائپ لائن جي مرمت شروع ڪري ڇڏي آهي.










