“اٽارني جنرل جو سپريم ڪورٽ ۾ گستاخانه انداز”

“اٽارني جنرل جو سپريم ڪورٽ ۾ گستاخانه انداز”

اسلام آباد (اياز مهر) سپريم ڪورٽ جي 10 رڪني فل ڪورٽ اڱاري تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته اٽارني جنرل انور منصور خان جارحاڻي انداز ۾ دليل ڏيندي ججن تي الزام لڳايا. جنهن تي ججن کيس چيو ته اوهان جو انداز گستخانه آهي اوهان لڳايل الزام واپس وٺو، اڳ م هن انڪار ڪيو پر بعد ۾ بيان واپس ورتو. عدالت کيس چيو ته الزام بابت ثبوت پيش ڪريو يا لکت ۾ معافي وٺو. عدالت ميڊيا کي سندس لڳايل الزامن بابت رپورٽنگ کان روڪي ڇڏيو. جسٽس عمر عطا بنديا جي سربراهي ۾ بينچ ٻڌڻي شروع ڪئي ته اٽارني جنرل چيو ته هن بينچ جي ٻن ججن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي جواب تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. جنهن تي ججن کيس چيو ته اوهان نالا وٺو ڪهڙا جج آهن. هن نالا نه ورتا. ججن سندس بيان کي انتهائي سنگين ۽ گستاخانه قرار ڏنو. عدالت ۾ موجود ڪجهه وڪيلن چيو ته هي حڪومت جي سوچيل سمجهيل منصوبو آهي. بعد م اٽارني جنرل چيو ته هن جيڪو ڪجهه چيو ان تي کيس به افسوس آهي.جسٽس منصور علي خان چيو ته اوهان سنگين بيان ڏنو آهي جيڪو مناسب ناهي. بينچ جي سربراهه عمر عطا بنديال چيو ته جج عوام جي مڪمل اعتماد سان ڪم ڪندا آهن. اٽارني جنرل چيو ته هني کي ججن تي اعتماد آهي. جسٽس مقبول باقر چيو ته اٽارني جنرل بيان واپس وٺي اسين نٿا چاهيون ته ڪا پيچيدگي باقي رهي. اٽارني جنرل چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لنڊن جي جائيدادن لاءِ پيسا فراهم ڪيا ۽ ان معاملي تي فيصلو  سپريم جديسل ڪائونسل کي ڪرڻو آهي. هن چيو ته ججن سان حڪومت جي ڪا دشمني ناهي پر هن معاملي م انصاف ٿيندي نظر اچڻ گهرجي. اٽارني جنرل سوال پڇو ته شوڪاز نوٽيس جاري ٿيڻ بعد ڇا سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪاروائي کي چيلينج ڪري سگهجي ٿو؟. جج جائيدادون زال ۽ ٻارن جي نالي ٺاهيون آهن. ڇا انهن ظاهر نه ڪيل ملڪيتن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جاسوسي آهي؟ ڇا حڪومت کي جج بابت مليل معلومات بابت تصديق نه ڪرڻ گهرجي؟ جڊيشل ڪائونسل کي ڏسڻو اهو آهي ته جج مس ڪانڊڪٽ ڪيو آهي يا نه.   هن چيو ته 2004 ۾ جسٽس فائز عيسيٰ جي گهرواري زرينه کوسو جي نالي خريد ڪيل جائيداد پاڪستان ۾ ظاهر ڪيل ناهي. ٻئي جائيداد 2013۾ خريد ڪئي وئي هئي. جسٽس منصور علي خان پڇيو ته اهو ٻڌايو ته ريفرنس ڪيئن ٺاهيو ويو. اٽارني جرل چيو ته 2011  ۾ ان جائيداد ۾ جج جي نياڻي سحر علي جو نالو به شامل ڪيو ويو. 2013 ۾ جائيداد زال، نياڻي ۽ پٽ ارسلان جي نالي خريد ڪئي وئي پر جج صاحب چوي ٿو ته جائيداد سان سندس تعلق ناهي. هن چيو ته ججن جي سڀني سوالن جا جواب ڏيندس پر مونکي اڳ ۾ ڪيس بيان ڪرڻ ڏيو. هن چيو ته ججن کي بنا خوف ۽ جانبداري جي فيصلو ڪرڻ گهرجي. جنهن تي بينچ جي سربراهه چيو ته ڇا ان بابت ججن جو ذهني معائنو ٿيڻ گهرجي. جنهن تي اٽارني جنرل ججن جو حلف پڙهي ٻڌايو. هن چيو ته جج جائيداد تسليم ڪري حقيقت تسليم ڪئي آهي پر هن جائيداد گوشوارن ۾ ظاهر ناهي ڪئي ۽ سوال اهو آهي ته ڇا جج کي زال ۽ ٻارن جي مليڪت ظاهر ڪرڻ گهرجي يا نه. جسٽس يحيٰ آفريدي سوال ڪيو ته ريفرنس ۾ الزام ڇا آهي؟ اٽارني جنرل چيو ته معذرت ٿو ڪريان اها ڳالهه مونکي اڳ ۾ ٻڌائڻ گهرجي ها. هن چيو ته برطانيا ۾ خريد ڪيل جائيداد جج پاڪستان ۾ ظاهر ناهي ڪئي ٻيو ته جائيداد جي خريدار لاءِ فنڊز جي منتقلي ظاهر ناهي ڪئي وئي. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو