لاڙڪاڻو(ن س )رتوديرو جي جيڪب آباد روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ ٽن پٽن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب هٿياربندن جيڪب آباد روڊ تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، جن ۾ پيءُ ۽ سندس 3 پٽ پڻ شامل آهن، جڏهن ته هڪ واٽهڙو به گولين جو نشانو بڻجي ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جن جي گرفتاري لاءِ علائقي جي ناڪابندي ڪري ڇڏي وئي آهي ۽ ڪارروائي جاري آهي.










