ٻارن جو خرچ والدين نه، ٻار جو قانوني حق آهي: لاهور هاءِ ڪورٽ

ٻارن جو خرچ والدين نه، ٻار جو قانوني حق آهي: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ٻارن جي نان نفقي بابت ڪيس جو حڪم جاري ڪندي والدين جي رضامندي سان نابالغ ٻار جو ماهوار خرچ 30 هزار رپيا مقرر ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.جسٽس عثمان غني راشد چيما 6 صفحن تي ٻڌل حڪم نامو جاري ڪيو، جنهن ۾ عدالت چيو ته والدين پاڻ ۾ سمجهوتو ڪري سگهن ٿا، پر ٻار جي قانوني حق تي سودو نٿا ڪري سگهن. عدالت قرار ڏنو ته والدين باهمي رضامندي سان نابالغ ٻار جو نان نفقو گهٽ يا ختم نٿا ڪري سگهن، ڇو ته ٻار جو نان نفقو والدين جو نه پر خود ٻار جو قانوني حق آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ نابالغ نينگري جي درخواست منظور ڪندي چيو ته ماءُ سرپرست طور ٻار جو نان نفقو معاف يا گهٽ ڪرڻ جو اختيار نٿي رکي. حڪم نامي موجب فيملي ڪورٽ والدين جي سمجهوتي کي قبول ڪرڻ جي پابند ناهي، جڏهن ته نان نفقو مقرر ڪرڻ وقت ٻار جي ضرورتن، ڀلائي، والد جي مالي حيثيت ۽ سماجي حيثيت کي نظر ۾ رکڻو پوندو. عدالت چيو ته والدين جي رضامندي کان وڌيڪ ٻار جي ضرورتن ۽ مفاد کي اهميت حاصل آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيس ٻيهر فيملي ڪورٽ ڏانهن موڪليندي هدايت ڪئي ته ٻار جي ضرورتن ۽ والد جي مالي حيثيت کي نظر ۾ رکندي نان نفقو نئين سر مقرر ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو