سنڌ ۾ ريبيز کان بچاءَ ۽ علاج جا 278 يونٽ قائم

سنڌ ۾ ريبيز کان بچاءَ ۽ علاج جا 278 يونٽ قائم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت انڊس اسپتال جي سهڪار سان سڄي صوبي ۾ ريبيز کان بچاءَ ۽ علاج جون سهولتون بهتر بڻايون آهن. ان سلسلي ۾ 278 يونٽ قائم ۽ اپ گريڊ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ريفرل سينٽرز پڻ فعال آهن ۽ ريبيز جي ڪيسن لاءِ ٽيلي ميڊيسن سروس پڻ شروع ڪئي وئي آهي. هو انڊس اسپتال ۾ ريبيز بابت منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ صحت کاتي جي سيڪريٽري طاهر سانگي، انڊس اسپتال جي ڊاڪٽر عبدالباري سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته آواره ڪتن جو مسئلو ڊگهي عرصي کان موجود آهي ۽ ان تي مسلسل ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن ٻڌايو ته ڪمشنر ڪراچي ۽ ڪمشنر حيدرآباد طور پنهنجي مقرري دوران پڻ هن مسئلي تي ڪم ڪيو هو. هن چيو ته ريبيز کان بچاءَ لاءِ علاج جون سهولتون بهتر بڻائڻ سان گڏ عوامي آگاهي وڌائڻ پڻ ضروري آهي، ته جيئن ماڻهو ڪتي جي چڪ کي معمولي واقعو سمجهي نظرانداز ڪرڻ بدران فوري طور اسپتال سان رابطو ڪن. آصف حيدر شاهه چيو ته سنڌ حڪومت انڊس اسپتال سان گڏجي ريبيز جي ڪيسن جي بهتر علاج ۽ اسپتالن جي استعداد وڌائڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو آهي. ڪيترن ئي اسپتالن ۾ اهڙن مريضن جي علاج جي صلاحيت بهتر بڻائڻ جي ضرورت هئي، جنهن کي نظر ۾ رکندي انڊس اسپتال جي سهڪار سان سهولتن کي اپ گريڊ ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته سڄي صوبي ۾ ريبيز کان بچاءَ ۽ علاج جا 278 يونٽ قائم ۽ اپ گريڊ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مريضن جي علاج لاءِ ريفرل سينٽرز پڻ فعال آهن. انڊس اسپتال جي سهڪار سان ٽيلي ميڊيسن سروس پڻ شروع ڪئي وئي آهي، ته جيئن ريبيز جي ڪيسن جي علاج واري نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته ريبيز بابت ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي آگاهي مهم هلائي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو هاڻي ڪتي جي چڪ کي سنجيدگي سان وٺي رهيا آهن ۽ علاج لاءِ اسپتالن سان رابطو ڪري رهيا آهن. هن عوامي آگاهي جون ڪوششون جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آصف حيدر شاهه چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ريبيز کان بچاءَ لاءِ دوائن جي فراهمي لاءِ بجيٽ يقيني بڻائي آهي. ڪتي جي چڪ جو شڪار مريضن کي ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪيسن جي رپورٽنگ ۽ مريضن جي علاج جي نگراني پڻ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هاڻي هر ڪيس رپورٽ ٿي رهيو آهي ۽ هر مريض جي علاج کي ٽريڪ ڪيو پيو وڃي. عوام پنهنجي ويجهي ريبيز سينٽر بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو 1122 سان رابطو ڪري سگهي ٿو. چيف سيڪريٽري سنڌ علاج جي فراهمي ۾ جوابدهي تي زور ڏيندي چيو ته ريبيز جي مريضن جي علاج ۾ غفلت تي مختلف ڊاڪٽرن کي هٽايو ويو آهي، جڏهن ته لاڳاپيل ضلعي انتظاميا کان پڻ جواب طلب ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته علاج جون سهولتون بهتر بڻائڻ، مريضن جي مسلسل نگراني ۽ عوامي آگاهي ذريعي ريبيز خلاف قدم اڳتي وڌايا پيا وڃن. آصف حيدر شاهه ان عزم جو اظهار ڪيو ته ان شاءَ الله سنڌ ۽ پاڪستان کي ريبيز کان پاڪ بڻايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو