واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي نيويارڪ ۾ موجود ايراني وفد کي فوري طور آمريڪا ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.رپورٽن موجب قطري ثالثي وسيلي ڳالهين ۽ معاملن کي اڳتي وڌائڻ جون ڪوششون پڻ ڪنهن اڳڀرائي کانسواءِ ناڪام رهيون. ايراني وفد ۾ پرڏيهي وزير عباس عراقچي پڻ شامل هئا. رپورٽن موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سفارتي رابطن بابت ٿيندڙ ڪوششن باوجود صورتحال ۾ ڪا اهم اڳڀرائي نه ٿي سگهي.










