گوشوارا جمع ڪرائيندڙن جي انگ ۾ 45 سيڪڙو واڌ

گوشوارا جمع ڪرائيندڙن جي انگ ۾ 45 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائيندڙن جي انگ ۾ 45 سيڪڙو واڌ ٿي وئي، جڏهن ته گوشوارن سان گڏ ادا ڪيل مجموعي ٽيڪس ۾ 7 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. رپورٽن موجب انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائيندڙن جو انگ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 45 سيڪڙو وڌيو آهي، پر ان باوجود گوشوارن سان گڏ جمع ڪرايل مجموعي ٽيڪس جي رقم ۾ 7 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. واضح رهي ته انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر مقرر ڪئي وئي هئي، جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 15 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. ايف بي آر موجب ٽيڪس ڏيندڙن کي مقرر وقت اندر پنهنجا انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو