ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي ڪڇي جي سني واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب آپريشن ردالفتنہ 3 تحت فتنه الهندستان خلاف ڪارروائي دوران دهشتگردن کي ڪواڊ ڪاپٽرز ذريعي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ موجود ممڪن دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز عزمِ استحڪام ويزن تحت ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.










