ٻارن کي سوشل ميڊيا کان روڪڻ يا عمر جي تصديق جو اختيار ناهي

ٻارن کي سوشل ميڊيا کان روڪڻ يا عمر جي تصديق جو اختيار ناهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو آهي ته وٽس 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ کان روڪڻ يا سمورن پليٽ فارمن تي عمر جي لازمي تصديق لاڳو ڪرڻ جو قانوني اختيار ناهي.پي ٽي اي موجب پيڪا 2016 جي سيڪشن 37 تحت رڳو غيرقانوني آن لائن مواد کي بلاڪ يا هٽائڻ جي اجازت حاصل آهي.اٿارٽي عدالت کي ٻڌايو ته موجوده قانون تحت ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي يا سمورن پليٽ فارمن تي عمر جي تصديق لازمي قرار ڏيڻ جو اختيار پي ٽي اي وٽ موجود ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو