مڪه دفاعي معاهدو، سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو

مڪه دفاعي معاهدو، سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو

رياض: (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادي محمد بن سلمان جي صدارت هيٺ ڪابينه جي اجلاس ۾ مڪه دفاعي گڏيل دفاعي معاهدي جي سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ ۽ سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ دفاعي تعاون تي ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.سعودي ميڊيا موجب اڱاري تي رياض ۾ ٿيل ڪابينه جي اجلاس ۾ مڪه دفاعي معاهدي جي سيڪريٽريٽ کي قائم ڪرڻ کان علاوه علاقائي ۽ عالمي صورتحال تي غور ڪيو ويو.اجلاس ۾ آبنائي هرمز، باب المندب، بحيره احمر ۽ عرب عدن ۾ بحري اچ وڃ جي آزادي ۽ تحفظ جي اهميت اجاگر ڪئي وئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ آبنائي هرمز ۾ حالتن کي 28 فيبروري کان اڳ جي سطح تي بحال ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو. جڏهن ته بحري جهازن تي حوثي مليشيا جي حملن جي مذمت بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي بيان جي آجيان ڪئي وئي.ڪابينه مڪه دفاعي معاهدي جي سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو جنهن سان گڏ سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ دفاعي تعاون جا معاملا به غور هيٺ آيا. اجلاس ۾ سامونڊي رستن جي تحفظ، علاقائي سلامتي ۽ دفاعي تعاون بابت معاملن کي اهميت ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو