مانيٽرنگ سسٽم سان نه جڙندڙ مرڪز سيل ڪرڻ جو فيصلو

مانيٽرنگ سسٽم سان نه جڙندڙ مرڪز سيل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ايف بي آر مانيٽرنگ سسٽم سان نه جڙندڙ ڪاروباري مرڪزن کي سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ايف بي آر سيلز ٽيڪس رولز 2006 ۾ ترميم جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي تحت مانيٽرنگ سسٽم سان نه جڙندڙ رجسٽرڊ ڪاروباري مرڪز جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهبي.نوٽيفڪيشن موجب پروڊڪشن مانيٽرنگ، وڊيو سرويلنس يا ڊيجيٽل آئي سسٽم لڳائڻ لازمي هوندو. ايف بي آر سسٽم سان نه جڙندڙ رجسٽرڊ ڪاروبار انهي ڪارروائي جي هيٺيان ايندا.ايف بي آر جي نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻيو ويو آهي ته ڪاروبار سيل ڪرڻ جي لاءِ ضرورت پوڻ تي پوليس جي مدد ورتي ويندي. ڪمشنر ان لينڊ روينيو رپورٽ جي بنياد تي ڪارروائي شروع ڪري سگهندو، اسسٽنٽ ڪمشنر يا انهي کان مٿان جو آفيسر لکت ۾ رپورٽ ڪمشنر کي ڏيندو.نوٽيفڪيشن موجب ڪمشنر انڪوائري ڪرڻ کان پوءِ چيف ڪمشنر کي رپورٽ اماڻيندو، چيف ڪمشنر ڪاروبار سيل ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو لکت ۾ حڪم جاري ڪندو. ڪاروباري هنڌ جو مڪمل يا صرف مخصوص حصو سيل ڪري سگهبو. سيل ڪرڻ کان اڳ ڪاروباري شخص کي حڪم جي ڪاپي ڏني ويندي.ايف بي آر پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪاروباري هنڌ انهي وقت تائين سيل رهندو جيستائين مانيٽرنگ سسٽم ايف بي آر سان جڙي نٿو وڃي. جڏهن ته سيل ٿيل ڪاروبار کولرائڻ جي لاءِ ڏنڊ ادا ڪرڻ سان گڏ مانيٽرنگ سسٽم لڳائڻو پوندو.نوٽيفڪيشن موجب سسٽم جي لڳائڻ وقت ايف بي آر جي ٽيڪنيڪل ٽيم موجود هوندي، جڏهن ته سسٽم لڳائڻ کان پوءِ ڪمشنر 3 ڏينهن جي اندر سرٽيفڪيٽ جاري ڪندو، اليڪٽرانڪ مانيٽرنگ جي قائدن جو دائرو وڌيڪ ڪاروبارن ۽ مينوفيڪچرز تي به لاڳو ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو