دبئي کان اسرائيل ويندڙ جهاز ۾ پائلٽن جو جهيڙو، رتو رت، جهاز جي تبوڪ ۾ لينڊنگ

دبئي کان اسرائيل ويندڙ جهاز ۾ پائلٽن جو جهيڙو، رتو رت، جهاز جي تبوڪ ۾ لينڊنگ

دبئي(ويب ڊيسڪ) فلاءِ دبئي ڪمپني جي تل ابيب ويندڙ فلائيٽ ۾ پائلٽن ۾ جهيڙو، جهاز وڏي تباهي کان بچي ويو.
سعودي عرب جي تبوڪ واري هوائي اڏي تي ايمرجنسي ۾ جهاز محفوظ طريقي سان لينڊ ڪري ورتو. جهاز ۾ 180 مسافر سوار هئا ۽ تل ابيب لڳ بن گورين ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻو هو. اسرائيلي وزيراعظم جي ترجمان موجب هي هائيجيڪنگ ناهي، معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي. اسرائيل، سعودي عرب کي پنهنجو جهاز فاٿل مسافرن کي اسرائيل وٺي وڃڻ لاءِ موڪلڻ جي درخواست ڪئي جيڪا سعودي عرب رد ڪري ڇڏي. بعد ۾ فلاءِ دبئي جي فلائيٽ ذريعي کين اسرائيل پهچايو ويو. ڪو پائلٽ کي سعودي عرب م گرفتار ڪيو ويو آهي. جهاز ٻن منٽن کان به گهٽ وقت ۾ 30 هزار فٽ جي بلندي تان 17400 فٽ تي اچي ويو هو.
فلاءِ دبئي عرب امارات جي ڪمپني آهي ۽ امارات ايئر لائين ۽ هن ڪمپني جا مالڪ ساڳيا آهن.
پائلٽن هڪٻئي کي رتو رت ڪري ڇڏيو، مسافرن کين ڇڏايو، ٻئي پائلٽ سعودي عرب جي اسپتال ۾ داخل آهن.
بي بي سي موجب ريزرو پائلٽ محفوظ لينڊنگ ڪرائي، جيڪو برطانوي شهري آهي. هڪ مسافر موجب اڳ ۾ ڪيبن مان رڙيون آيون جنهن بعد هڪ پائلٽ رتو رت حالت۾ ٻاهر آيو، جنهن بعد هڪ مسافر ڪو پائلٽ کي زمين تي ڪيرائي کيس قابو ڪيو.
ڪو پائلٽ جنهن بابت سي اين اين جو چوڻ آهي ته عماني شهري آهي، تنهن ڪيپٽن پائلٽ کي چاقو سان زخمي ڪيو. پر سوال اهو آهي ته عمان ۽ اسرائيل جا سفارتي لاڳاپا ئي نه آهن ته ان جو شهري ڪيئن اسرائيل ويندو؟ جهاز دبئي مان روانو ٿيو ته هڪ ڪلاڪ بعد 30 هزار فٽ جي بلندي تان جهاز هڪ دم هيٺ آيو ته مسافر صدمي ۾ اچي ويا.
ان وقت جهاز اردن جي فضائي حدن ۾ هو جتان تبوڪ ۾ سلطان عبدالعزيز هوائي اڏي کي اڳ ۾ هائيجيڪنگ ۽ بعد ۾ ايمرجنسي لينڊنگ جو سگنل مليو.
پائلٽن ۾ جهيڙي جو سبب سدامهون ناهي آيو. اسرائيلي حڪومت دهشتگردي جو شڪ ظاهر ڪندي چيو ته هنن سگنل ملندي ئي پنهنجا فائيٽر جهاز روانا ڪيا.
2020 ۾ يو اي اي ۽ اسرائيل ۾ ابراهام اڪارڊ عد سفارتي تعلقات بحال ٿيا ۽ سياحت به وڌي. دبئي کان تل ابيب هفتي ۾ 70 اڏامون هلن ٿيون، جڏهن ته دبئي ۽ بن گورين هوائي اڏن تي به اڏامون اچن ٿيون. 2025 جي ڊيٽا موجب 11 لک اسرائيلي شهرين دبئي جو سفر ڪيو هو.
فلائي دبئي گهٽ بجيٽ واري ايئرلائين آهي ۽ هن سان 2016 ۾ هڪ ئي حادثو پيش آيو هو جڏهن روس ۾ تيز هوا ۽ ڌنڌ سبب لينڊنگ وقت جهاز تباهه ٿيو هو جنهن ۾ 72 ئي مسافر ۽ عملي جا ماڻهو مري ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو