رسول آباد (ن س) رسول آباد قومي شاهراهه تي ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ سهيل احمد چنو جي فوت ٿيڻ ۽ اسحاق چنو جي زخمي ٿيڻ واري واقعي خلاف وارثن ۽ چنا برادري پاران قومي شاهراهه تي لاش رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج سبب قومي شاهراهه تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي، جنهن بعد ڊي ايس پي موٽروي حسنين عباس ۽ ايس ايڇ او راڻيپور امير علي چانگ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون.احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته حادثي جو ذميوار ٽرالر ڊرائيور خلاف ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. پوليس آفيسرن مظاهرين کي انصاف جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن کان جاري ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ قومي شاهراهه تي ٽريفڪ بحال ٿي وئي.










