شڪارپور، مائمه تالريجا ايم ڊي ڪيٽ ۾ پهرين پوزيشن ماڻي ورتي

شڪارپور، مائمه تالريجا ايم ڊي ڪيٽ ۾ پهرين پوزيشن ماڻي ورتي

سکر(ن س) شڪارپور سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي مائمه تالريجا MDCAT-2026 جي امتحان ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 180 مان 179 نمبر حاصل ڪري پهرين پوزيشن ماڻي ورتي.آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروسز موجب مائمه تالريجا جي شاندار ڪاميابي سندس محنت، لڳن ۽ تعليمي صلاحيتن جو ثبوت آهي.سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروسز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ شاگردياڻي سان ملاقات ڪري سندس شاندار ڪاميابي کي ساراهيو ۽ مائمه تالريجا توڙي سندس خاندان کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني.آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروسز پاران پڻ مائمه تالريجا کي شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي سندس مستقبل جي تعليمي سفر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو