ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي براءِ گهرو کاتي جي چيئرپرسن فريال ٽالپر جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ جديد ۽ مڪمل طور فعال فرانزڪ سائنس ليبارٽري جي قيام ۽ سنڌ ڪرمنل پراسيڪيوشن سروس جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ آٽوميشن جي منصوبن تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ صوبائي وزير گهرو ۽ قانون ضياءَ الحسن لنجار، آءِ ٽي بابت صلاحڪار علي راشد، سنڌ اسيمبلي جا ميمبر سهيل انور سيال ۽ قاسم سراج سومرو، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ بيرسٽر سيد غلام شبير شاهه، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو محمد اقبال ميمڻ، سيڪريٽري صحت، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، گهرو وزير جو ڪوآرڊينيٽر، لاڳاپيل کاتن جا اعليٰ آفيسر ۽ فرانزڪ ۽ ٽيڪنيڪل ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ دنيا جي مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ بين الاقوامي فرانزڪ ۽ ٽيڪنيڪل ماهرن زوم ذريعي شرڪت ڪئي ۽ جديد فرانزڪ سائنس ليبارٽري جي قيام، انتظامي ۽ فني گهرجن، جديد ٽيڪنالاجي، عالمي معيار، تربيت ۽ صلاحيت وڌائڻ بابت پنهنجا رايا ۽ تجربا اجلاس آڏو رکيا. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي پڻ غور ڪيو ويو ته منصوبي جي مختلف مرحلن دوران ضرورت مطابق انهن ماهرن جي فني مهارت ۽ تجربي مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اجلاس کي فرانزڪ سائنس ليبارٽري جي تجويز ڪيل دائري ڪار، انفرااسٽرڪچر، جديد اوزارن، انتظامي ۽ آپريشنل نظام، انساني وسيلن، ماهر افرادي قوت جي تربيت، معيار جي ضمانت ۽ بين الاقوامي ايڪريڊيٽيشن جي گهرجن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته جديد ليبارٽري ۾ ڊي اين اي ۽ حياتياتي شاهدين جي تجزيي، فنگر پرنٽس، ٽاڪسيڪالوجي ۽ منشيات جي ٽيسٽنگ، آتشين هٿيارن ۽ بيلسٽڪس، ڪرائيم سين جي جاچ، شاهدين جي وصولي ۽ تجزيي، ڊجيٽل ۽ ڪمپيوٽر فرانزڪ سميت مختلف اهم شعبن ۾ جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو محمد اقبال ميمڻ اجلاس کي آگاهه ڪيو ته فرانزڪ ليبارٽري جي عمارت جو ڪم تقريبن مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ڊسمبر 2026ع تائين ليبارٽري کي مڪمل طور فعال ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. فريال ٽالپر چيو ته جديد فرانزڪ سائنس ليبارٽري جو مقصد رڳو انفرااسٽرڪچر قائم ڪرڻ نه، پر اهڙو مؤثر ۽ مستند سائنسي نظام جوڙڻ هجڻ گهرجي، جيڪو پوليس، جاچ ڪندڙ ادارن، پراسيڪيوشن ۽ عدالتن کي بروقت، قابل اعتماد ۽ سائنسي بنيادن تي شاهدين جي فراهمي يقيني بڻائي سگهي. هن لاڳاپيل ادارن کي باهمي رابطن ۽ واضح ٽائيم لائن تحت منصوبي تي اڳڀرائي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس جي ٻئي اهم ايجنڊا تحت پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ بيرسٽر سيد غلام شبير شاهه فريال ٽالپر ۽ شرڪت ڪندڙن کي سنڌ ڪرمنل پراسيڪيوشن سروس جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ آٽوميشن بابت تجويز ڪيل پراسيڪيوشن ڪيس مينيجمينٽ سسٽم (PCMS) تي تفصيلي بريفنگ ڏني. پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ منصوبي جي ويزن، ڊيٽا مينيجمينٽ، هدفن، مرحليوار نفاذ، ضلعي سطح تي توسيع، آءِ ٽي ٽيم ۽ مستقبل جي لائحه عمل بابت آگاهي ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تجويز ڪيل ڊجيٽل نظام ذريعي ايف آءِ آر جي داخل ٿيڻ ۽ جاچ کان وٺي چالان، پراسيڪيوشن اسڪروٽني، ٽرائل، عدالتي ٻڌڻي، فيصلي ۽ اپيل تائين ڪيس جي اڳڀرائي جي مؤثر نگراني ممڪن ٿي سگهندي. هن نظام ذريعي ڪيسن جي مختلف مرحلن تي ٿيندڙ دير ۽ التوا هيٺ ڪيسن جي نشاندهي سان گڏ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي جي نگراني پڻ وڌيڪ بهتر ٿيندي. فريال ٽالپر پراسيڪيوشن جي نظام ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي اهم قرار ڏيندي چيو ته ڊجيٽلائيزيشن جو بنيادي مقصد ڪيسن جي مؤثر نگراني، غير ضروري دير ۾ گهٽتائي، اداراجاتي جوابدهي ۽ عوام کي بروقت انصاف جي فراهمي هجڻ گهرجي. صوبائي وزير گهرو ۽ قانون ضياءَ الحسن لنجار چيو ته جديد دور ۾ مؤثر جاچ ۽ مضبوط پراسيڪيوشن لاءِ قابل اعتماد فرانزڪ شاهديون، جديد ٽيڪنالاجي ۽ ادارن وچ ۾ مؤثر رابطي جو هجڻ لازمي آهي. سنڌ حڪومت اهڙو جديد فرانزڪ نظام قائم ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪو عالمي معيارن مطابق هجي ۽ پوليس ۽ پراسيڪيوشن کي بروقت ۽ مستند سائنسي سهڪار فراهم ڪري سگهي. هن چيو ته جديد اوزارن ۽ انفرااسٽرڪچر سان گڏ مقامي ماهرن جي تربيت، بين الاقوامي تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ، ٽيڪنالاجي ۽ مهارت جي منتقلي ۽ مسلسل صلاحيت ۾ واڌ پڻ منصوبي جو اهم حصو هجڻ گهرجي. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته فرانزڪ سائنس ليبارٽري ۽ سنڌ ڪرمنل پراسيڪيوشن سروس جي ڊجيٽلائيزيشن کي جديد، شفاف، مؤثر ۽ شاهدين تي ٻڌل فوجداري نظام انصاف جي اهم ۽ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل منصوبن طور اڳتي وڌايو ويندو. فريال ٽالپر لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن کي منصوبن بابت واضح هدفن ۽ مقرر مدي موجب اڳڀرائي يقيني بڻائڻ ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن وچ ۾ مؤثر رابطو برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي.










