ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) ماڙيپور روڊ تي ٽرالر جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 18 ورهين جي ناري فوت ٿي وئي، جڏهن ته حادثي ۾ هڪ ناري ۽ نوجوان زخمي ٿي پيا.پوليس موجب حادثي کانپوءِ فوت ٿيل ناري جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل ناري زخمي نوجوان جي مڱيندي هئي، جڏهن ته ٻئي ڀينرون ۽ نوجوان هڪ ئي موٽرسائيڪل تي سوار هئا.پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته حادثي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.










