لاهور(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي عورت سان مبينا زيادتي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي متاثر عورت ڊيانا جو دفعا 164 تحت عدالتي بيان رڪارڊ ڪيو ويو آهي.عدالتي رڪارڊ موجب جاچ آفيسر ڊيانا کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت سندس نالو ۽ بيان رڪارڊ ڪرائڻ بابت سوال ڪيا. ڊيانا عدالت کي ٻڌايو ته هوءَ ڄاڻي ٿي ته کيس ڇو پيش ڪيو ويو آهي ۽ هن رضاڪاراڻي طور پنهنجو بيان دفعا 164 تحت رڪارڊ ڪرائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. عدالت ڊيانا کي آگاهه ڪيو ته سندس بيان بعد ۾ سندس خلاف به ثبوت طور استعمال ٿي سگهي ٿو، پر آگاهي ملڻ باوجود هن بيان رڪارڊ ڪرائڻ تي اصرار ڪيو. عدالت اطمينان ڪيو ته بيان ڪنهن دٻاءَ، ڌمڪي يا لالچ کانسواءِ رضاڪاراڻي طور رڪارڊ ڪرايو پيو وڃي، جنهن بعد سندس بيان قلمبند ڪيو ويو. ڊيانا پنهنجي بيان ۾ چيو ته هوءَ 13 سيپٽمبر تي استنبول کان اسلام آباد پهتي، پنج ڏينهن فيصل آباد ۾ رهڻ بعد لاهور آئي. سندس اسڪارڊو وڃڻ جو منصوبو هو، پر اڪيلي هجڻ سبب هن نمره ۽ مسڪان کي لاهور ۾ ملاقات لاءِ پيغام موڪليو. ڊيانا موجب رات تقريبن 11 وڳي هوءَ اڪيلي هڪ ڪيفي ۾ وئي، جتي مسڪان وٽس آئي. هن مسڪان کي کاڌو کائڻ ۽ ڪافي پيئڻ جي آڇ ڪئي، جنهن تي مسڪان ٻڌايو ته سندس دوست نمره انتظار ڪري رهي آهي. ان کانپوءِ ڊيانا مسڪان سان گڏ بحريا ٽائون وئي. عدالتي بيان موجب رات تقريبن 2 وڳي اڇي رنگ جي گاڏي اتي پهتي، جنهن ۾ احمد ۽ محسن نالي ٻه ڄڻا سوار هئا. ڊيانا جو چوڻ آهي ته هوءَ انهن سان گڏ هڪ اپارٽمينٽ وئي، جتي کاڌو کائڻ کانپوءِ وڌيڪ ٻه ڄڻا اتي آيا، جن مان هڪ جو نالو علي زين هو، جڏهن ته ٻئي جو نالو کيس معلوم نه هو. ڊيانا الزام هنيو ته نمره ۽ محسن هڪ الڳ ڪمري ۾ ڳالهائي رهيا هئا، جڏهن ته مسڪان به انهن وٽ هلي وئي. سندس موجب نمره محسن کان 20 کان 30 هزار رپيا ورتا ۽ ٻڌايو ته اها رقم پارٽي لاءِ آهي. ڊيانا عدالت کي ٻڌايو ته هن چيو ته کيس پئسن ۽ شراب جي ضرورت ناهي، جنهن تي سندس الزام موجب محسن کيس ڇهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس هڪ الڳ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو. سندس بيان موجب جڏهن هن نمره ۽ مسڪان بابت پڇيو ته کيس ٻڌايو ويو ته ٻئي اتيان هليون ويون آهن. ڊيانا موجب هن وڃڻ جي اجازت گهري ته کيس چيو ويو ته هوءَ نٿي وڃي سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس دوست پئسا وٺي وئي آهي. ڊيانا موجب هن چيو ته هوءَ 30 هزار رپيا ڏئي ٿي، پر سندس الزام آهي ته علي زين کيس ڌمڪائي بليڪ ميل ڪيو ۽ چيو ته پهريان انهن سان گڏ شراب پيئڻي پوندي، ان کانپوءِ کيس وڃڻ ڏنو ويندو. ڊيانا پنهنجي بيان ۾ الزام لڳايو ته ان کانپوءِ محسن، احمد ۽ علي زين سندس مبينا زيادتي ڪئي. متاثر عورت موجب بعد ۾ کيس گاڏي ۾ ويهاريو ويو، جيڪا محسن هلائي رهيو هو، جڏهن ته احمد ۽ علي زين به گاڏي ۾ موجود هئا. ڊيانا ٻڌايو ته سندس بيگ ۾ 2 لک پاڪستاني رپيا، آءِ فون 13 پرو ميڪس ۽ ريڊمي موبائل فون موجود هو. سندس چوڻ آهي ته بار بار مطالبو ڪرڻ باوجود کيس بيگ واپس نه ڪيو ويو. عدالتي بيان موجب ڊيانا جو چوڻ آهي ته مبينا طور کيس بيگ واپس ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي، پر ساڳئي وقت پوليس ۾ شڪايت نه ڪرڻ لاءِ چيو ويو. واضح رهي ته مٿيان سمورا الزام متاثر عورت پاران عدالت ۾ دفعا 164 تحت رڪارڊ ڪرايل بيان تي ٻڌل آهن. الزامن جي حتمي قانوني حيثيت جو تعين شواهد ۽ عدالتي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٿيندو.










