هڪجهڙو گئس ٽيرف لاڳو ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف کان منظوري وٺڻ جو فيصلو

هڪجهڙو گئس ٽيرف لاڳو ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف کان منظوري وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيٽروليم ڊويزن پهرين جولاءِ 2027 کان ملڪ ۾ هڪجهڙو گئس ٽيرف لاڳو ڪرڻ لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان منظوري وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ان مقصد لاءِ حڪومت کي موجوده ڪراس سبسڊي وارو نظام ختم ڪري گهٽ آمدني وارن گهرن کي ٽارگيٽڊ مالي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ لڳ ڀڳ 162 ارب رپيا مختص ڪرڻا پوندا. مجوزه سڌارن تحت پاڪستان ۾ لاڳو گئس جي 12 سليبن تي ٻڌل ٽيرف نظام ختم ڪيو ويندو، جنهن تحت صارفين پنهنجي ماهوار گئس جي استعمال مطابق مختلف اگهه ادا ڪندا آهن. ان جي بدران سمورن صارفين جي ڪيٽيگريز کي مرحليوار تقريبن 1708 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو جي هڪجهڙي اوسط ٽيرف ڏانهن منتقل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو