اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ حالتون ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو آئيني تقاضو ڪن ٿيون ته ايمرجنسي ضرور لاڳو ٿيڻ گهرجي، پر ان لاءِ آئين ۾ ڄاڻايل سموريون گهرجون پوريون ٿيڻ ضروري آهن. ويڊيو بيان ۾ ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بابت آئين بلڪل واضح آهي ۽ ان ۾ مقرر ڪيل طريقيڪار تي عمل ڪرڻ لازمي آهي.خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ بابت سوال تي وفاقي وزير قانون چيو ته جيڪڏهن حالتون آئيني طور ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو تقاضو ڪن ٿيون ۽ آئين ۾ ڄاڻايل شرطون پوريون ٿين ٿيون ته پوءِ اهو قدم کنيو ويندو.هن چيو ته آئين ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو طريقيڪار واضح طور ڄاڻايل آهي ۽ جڏهن حالتون ان جو تقاضو ڪنديون ته آئيني طريقيڪار تحت سمورا قدم کنيا ويندا.










