ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) هڪ پرڏيهي خبر ايجنسي دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو آچر ڏينهن گڏيل عرب امارات جو دورو ڪيو، جتي ابوظهبي ۾ سندس اماراتي صدر شيخ محمد بن زايد سان ملاقات ٿي.خبر ايجنسي موجب نيتن ياهو جي يو اي اي دوري ۽ اماراتي صدر سان ملاقات بابت اماراتي پرڏيهي وزارت ۽ اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس طرفان ڪو تبصرو نه ڪيو ويو.رپورٽ موجب هلندڙ سال مئي ۾ پڻ اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس طرفان نيتن ياهو جي يو اي اي دوري ۽ اماراتي صدر سان ملاقات جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته گڏيل عرب امارات ان وقت اهڙي ملاقات جي ترديد ڪئي هئي.










