ايم ڊي ڪيٽ 2026ع جا حتمي نتيجا جاري

ايم ڊي ڪيٽ 2026ع جا حتمي نتيجا جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ 2026ع جا حتمي نتيجا جاري ڪيا ويا آهن. ايس ٽي ايس جي جاري ڪيل پڌرائي موجب 20 سيپٽمبر تي سنڌ سميت 9 ٽيسٽ سينٽرن ۾ ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان ورتو ويو هو. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عارضي نتيجن بابت اميدوارن طرفان وصول ٿيل سمورن اعتراضن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ انهن تي فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد حتمي نتيجا جاري ڪيا ويا.ايم بي بي ايس ۾ داخلا لاءِ اميدوارن جا گهٽ ۾ گهٽ 55 سيڪڙو، جڏهن ته بي ڊي ايس ۾ داخلا لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو نمبر حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏنا ويا آهن. ايس ٽي ايس ڪامياب اميدوارن جون فهرستون پڻ پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏيون آهن، جتي اميدوار پنهنجا حتمي نتيجا ڏسي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو