ڪراچيءَ ۾ ڪال سينٽر تي ڇاپو، 70 ڄڻا گرفتار

ڪراچيءَ ۾ ڪال سينٽر تي ڇاپو، 70 ڄڻا گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) ڪراچيءَ ۾ ڪال سينٽر تي ڇاپو هڻي 70 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.ذريعن موجب ڪارروائي پي اي سي ايڇ ايس جي بلاڪ 6 ۾ ڪئي وئي، جتي گرفتار ڪيل ماڻهو مبينا طور پرڏيهي شهرين سان فراڊ ڪرڻ ۾ ملوث آهن.اين سي سي آءِ اي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران ڪال سينٽر مان ٻيو سامان پڻ تحويل ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته ڪال سينٽر ۾ غيرقانوني سرگرميون جاري هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو