ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ جي علائقي شيرين جناح ڪالوني ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ پوليس اهلڪار عبدالواهاب خٽڪ شهيد ٿي ويو. پوليس موجب منشيات فروشن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران مبينا منشيات فروشن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو. پوليس ٻڌايو ته ڪارروائي دوران ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فائرنگ واري واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ سامهون اچي وئي آهي.فوٽيج ۾ پوليس اهلڪارن کي موٽرسائيڪل تي جوابدارن جي انتظار ۾ بيٺل ڏسي سگهجي ٿو.هوڏانهن سنڌ جي گهرو وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ڏکڻ کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.










