راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا. بلوچستان ۾ هندستان جي سرپرستي هيٺ سرگرم فتنه الخريج ۽ فتنه الهندستان خلاف سيڪيورٽي فورسز پاران جامع انسداد دهشتگردي آپريشن جاري آهن. آءِ ايس پي آر چيو ته 25 سيپٽمبر تي نوشڪي ضلعي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل هڪ ٻيو آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ دهشتگردن جي هڪ ٺڪاڻي کي اثرائتي طور تي نشانو بڻايو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، سخت فائرنگ جي تبادلي کانپوءِ 11 دهشتگرد مارجي ويا ان کان اڳ، 24 سيپٽمبر تي، آپريشن شعبان جي تسلسل ۾، سيڪيورٽي فورسز وڌيڪ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي ڳولي لڌو ۽ تباهه ڪيو. سخت فائرنگ جي تبادلي ۾ پنج خوارج مارجي ويا، جنهن سان شعبان ۾ مارجي ويل خوارج جو ڪُل تعداد 22 ٿي ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيپٽمبر 2026 کان وٺي هن وقت تائين هندستان جي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ 33 دهشتگرد مارجي ويا آهن. دهشتگردن جي ٺڪاڻن مان هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ حمايت يافته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران مسلسل دهشتگردي خلاف مهم پوري رفتار سان جاري رهندي.










