ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار حيدرآباد ۾ هندو واپاري نريش ڪمار ڪوهستاني جو گولين لڳل لاش ملڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.سنڌ جي گهرو وزير ڊي آءِ جي حيدرآباد کان واقعي جا تفصيل طلب ڪندي هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي هر پهلوءَ کان شفاف ۽ ميرٽ تي جاچ ڪئي وڃي ۽ جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن.ضياءَ الحسن لنجار واقعي واري هنڌ تان اهم ثبوت محفوظ ڪرڻ ۽ فرانزڪ توڙي جاچ جا مرحلا اثرائتي نموني مڪمل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.هن چيو ته جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ خاص جاچ ٽيمون جوڙيون وڃن ۽ گرفتاريءَ تائين جاچ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائيءَ جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي.گهرو وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته جاچ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائيءَ بابت کيس باقاعدگيءَ سان آگاهه رکيو وڃي ۽ واقعي جي سمورن پاسن کي نظر ۾ رکندي جاچ مڪمل ڪئي وڃي.










