ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ ايس ايس پي سطح جي ڪجهه آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
آءِ جي سنڌ جي صحيح سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شاهد حيات ٽريننگ ڪاليج جي ڪمانڊنٽ 18 هين گريڊ جي پوليس آفيسر فاروق احمد بجاراڻي کي بدلي ڪري سي ٽي ڊي ۾ ايس ايس پي انويسٽيگيشن مقرر ڪيو ويو آهي.
ان عهدي جي اضافي چارج ايس ايس پي سي ٽي ڊي گريڊ 19 هين جي آفيسر سيد عرفان علي بهادر کان واقپس ورتي وئي آهي.
جڏهن ته 18 هين گريڊ جي آفيسر علينا راڄپر کي شاهد حيات ٽريننگ ڪاليج ۾ ڪمانڊنٽ مقرر ڪيو ويو آهي.
سيف سٽي مان ايس ايس پي خرم مهيسر کي بدلي ڪري اوڀر ضلعي جي ڪورنگي رينج ۾ ايس ايس پي انويسٽيگيشن جي خالي پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو آهي.










