جعلي خبرن جي روزاني بنياد تي نگراني ٿيندي: شرجيل ميمڻ

جعلي خبرن جي روزاني بنياد تي نگراني ٿيندي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جعلي ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات جي روڪٿام لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو.اجلاس دوران شرجيل ميمڻ چيو ته ڪوڙين ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات ذريعي ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش برداشت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته جعلي خبرن جي روڪٿام لاءِ قومي سائبر ڪرائم تحقيقاتي اداري کان به سهڪار ورتو ويندو.هن چيو ته مين اسٽريم ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي جعلي خبرن جي روزاني بنياد تي نگراني ڪئي ويندي ۽ جعلي خبرن جي نشاندهي لاءِ سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ مانيٽرنگ جو نظام قائم ڪيو ويندو.شرجيل ميمڻ موجب جعلي خبرون ٺاهيندڙن ۽ پکيڙيندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ قومي سائبر ڪرائم تحقيقاتي اداري سان سهڪار وڌايو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جو بيانيو امن، برداشت، هم آهنگي ۽ قومي اتحاد تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ سمورن طبقن جي نمائندن کي شامل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو