پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ هفتي لاءِ ملتوي، حڪمت عملي تبديل

پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ هفتي لاءِ ملتوي، حڪمت عملي تبديل

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر )پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي اسلام آباد لانگ مارچ 27 سيپٽمبر کان 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو فيصلو پارٽي چيئرمين گوهر خان جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو.
پي ٽي آءَ جي ٻن سينئر اڳواڻن سان رابطو ڪرڻ تي سنڌيار کي نالا ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي 4 آڪٽوبر تي شام جو مارچ روانو ٿيندو. هڪ اڳواڻ چيو ته ’وفاقي حڪومت هر شئي بند ڪئي آحي اسان به هنن سان سياسي چال کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ڏسون ٿا ته هو ڪيترا ڏينهن روڊ ۽ شهر بند ٿا ڪن‘. وفاقي حڪومت جي اهم عهديدار سنڌيار کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ وارن عمران خان جي ڀيڻن ۽ گرفتار ڪارڪنن بشمول ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ سينيٽرز جي سڀني کي آزاد ڪرڻ ۽ عمران خان کي شفا  ۽ حڪومت جي وزيرن جي ڪميٽي ان تي غور ڪري رهي آهي ۽ وزيراعظم کي اعتماد ۾ وٺي ڪو فيصلو ڪيو ويندو. انٽرنيشنل منتقل ڪرڻ جي صورت ۾ لانگ مارچ ملتو ڪرڻ جي آڃ ڪئي آهي.

ياد رهي ته وزيراعظم جي مشير راڻا ثناءُ الله چيو هو ته پي ٽي آءِ سان ڳالهيون لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ تائين نه ٿينديون.
روزاني سنڌيار کي حڪومتي ذريعن ٻڌايو آهي ته عمران خان کي سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ بابت به غور ڪيو پيو وڃي. عدالتي حڪم موجب بورڊ جوڙيو ويندو، جيڪو معائني بعد فيصلو ڪندو ته کيس اسپتال ۾ رکڻ جي ضرورت آهي يا واپس جيل موڪليو وڃي.
ٻئي پاسي عمران خان جي پٽ قاسم خان پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته هو 27 سيپٽمبر تي اعلان ڪيل احتجاج دوران يا بعد ۾ اڊيالا جيل ٻاهران ڪو به مظاهرو نه ڪن.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ هن لکيو ته، ”مون کي عوام کي اپيل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 27 مارچ تي اڊيالا جيل ڀرسان مارچ يا احتجاج ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن.“
هن وڌيڪ چيو ته، ”مون کي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته هن احتجاج کي جواز بڻائي اسٽيبلشمينٽ جيل تي ’جوابي‘ حملو ڪري سگهي ٿي، جتي منهنجو والد قيد آهي، ۽ ان سان سندس جان کي خطرو ٿي سگهي ٿو.“
هن اپيل ڪئي ته، ”مهرباني ڪري کين اهڙو ڪو موقعو يا بهانو نه ڏيو، جنهن جي آڙ ۾ احتجاج دوران منهنجي والد سان ڪو ’حادثو‘ پيش اچي.“
هوڏانهن حڪومت خيبرپختونخواهه کان موٽر وي ۽ جي ٽي روڊ ڏانهن ايندڙ سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. اٽڪ وٽ ڪنٽيننرز، ڪنڊيدار تارون ۽ سوئي نما چهنبدار سيخن جا پڃرا رکي روڊ بلاڪ ڪيو آهي.
اسلام آباد ۾ به هڪ هزار کان مٿي ڪنٽينرز کي ويلڊنگ ڪري انهن اندر مٽي ۽ پٿر ڀري رکيو ويو آهي.
ڪجهه تجزيه ڪارن جو خيال آهي ته جيڪڏهن حڪومت پي ٽي آءِ سان معاملا طئي نه ڪيا ته پوءِ پي ٽي آءِ سياسي چال طور 27 سيپٽمبر جو مارچ ملتوي ڪري، روڊ کلڻ جي صورت ۾ اوچتو ڪنهن مهل به نڪري سگهن ٿا.
پي ٽي آءِ وارا 5 آڪٽوبر کان وري لانگ مارچ ملتوي ڪري حڪومت کي نئين ڊيڊ لائين ڏئي سگهن ٿا. جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڊگهي عرصي تائين روڊ بند رکي ٿي ته ان سان عوام ۾ سندن خلاف اڃا نفرت وڌندي، فورسز وارا تنگ ٿيندا ۽ خرچ به وڌندو.

پهنجو تبصرو موڪليو