سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڊيو رڪارڊنگ ۽ فوٽوگرافي تي پابندي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڊيو رڪارڊنگ ۽ فوٽوگرافي تي پابندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڊيو رڪارڊنگ ۽ فوٽوگرافي تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ان حوالي سان جاري ڪيل سرڪيولر موجب، عدالت جي ڪمري، راهداريَن ۽ انتظار گاهن سميت صحافين لاءِ مخصوص ڪيل هنڌ کانسواءِ ٻين هنڌن تي وڊيو رڪارڊنگ ۽ فوٽوگرافي تي پابندي هوندي.
سرڪيولر ۾ چيو ويو آهي ته پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
سرڪيولر موجب، پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهن جا موبائل فون ۽ رڪارڊنگ جا اوزار ضبط ڪيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو