ليکڪ: اعجاز مهر
چيني صدر شي جنپنگ جي آمريڪي دوري جو اڄ جمعي تي آخري ڏينهن آهي ۽ هو واپس وطن روانو ٿي ويندو. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته چيني صدر جي دوري وقت گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جو اجلاس هلندڙ آهي ۽ هي سٽون لکڻ تائين ان اجلاس ۾ شرڪت بابت چيني صدر جو شيڊول معلوم ناهي.
جڏهن پوري دنيا ۾مصنوعي ذهانت جي انسانيت لاءِ خطرناڪ بڻجڻ بابت بحث هلي رهيو آهي، ايران ۽ آمريڪا جي جنگ سبب مڊل ايسٽ ۾ حالتون سنگين ٿي ويون آهن، غزه جي تعمير نو بابت يا فلسطيني رياست جي قيام بابت فرانس سميت يورپي ملڪ مطاللبا ڪري رهيا آهن، نون اتحادن جي ڳالهه ٿي رهي آهي ۽ چين دنيا ۾ ملٽي پولر ورلڊ آرڊر جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، اهڙي ۾ چيني صدر جو گڏيل قومن جي سال جي وڏي ۾ وڏي سفارتي تقريب کان پري رهڻ به ڪيترن سوالن کي جنم ڏي ٿو.
چيني صدر جي آمريڪي دوري ۾ ڪو وڏو بريڪ ٿرو هن مهل تائين ته سامهون ناهي آيو پر پوءِ به دنيا جي ٻن وڏين قوتن جي سربراهن جي ملاقات کي دنيا ڀر ۾ وڏي اهميت ڏني پئي وڃي. هڪ تمام اهم نقطو اهو آهي ته هن ملاقات ۾ پهريون ڀيرو آمريڪا چين کي برابري جي طاقت بظاهر تسليم ڪندي نظر آيو آهي. جنهن سان ٻنهي ملڪن ۽ اڳواڻن ۾ مستقبل جي تعاون بابت ڀروسي جي فقدان جي خليج ضرور گهٽ ٿيندي.
هن دوري ۾ آمريڪا چيني صدر کي غير معمولي پروٽوڪول ڏنو آهي. جيتوڻيڪ مئي 2026 ۾ جڏهن صدر ٽرمپ بيجنگ پهتو هو ته چيني صدر هوائي اڏي تي وڃي سندس استقبال نه ڪيو هو، پر صدر ٽرمپ پاڻ پروٽوڪول جي ابتڙ شي جنپنگ جو هوائي اڏي تي وڃي آڌرڀاءُ ڪيو. وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي فوج اوول آفيس جي ڇت تي چڙهي چيني جهنڊو کڻي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، جيڪو پڻ غير معمولي قدم آهي.
چين، آمريڪا کان ڇا پيو چاهي؟
اهو سڀ ڪجهه ڏسڻ جي باوجود به چين جيڪو ’ٿري ٽيز‘ يعني ٽريڊ، ٽيڪنالاجي ۽ تائيوان بابت آمريڪا کان اهم پيش رفت جي توقع ڪري رهيو هو، ان بابت بظاهر ڪو وڏو بريڪ ٿرو ناهي ٿيو يا گهٽ ۾ گهٽ ان جو اعلان ناهي ٿيو.
ها البته اها پيش رفت ضرور ٿي ته آمريڪا تائيوان کي وڏي پيماني تي هٿيار ڏيڻ جو معاملو اينگهائي ڇڏيو، تجارتي جنگ ۾ ٽيرف لاڳو ڪرڻ واور معاملو به ايندڙ سال فيبروري تائين ملتوي ڪيو ويو، چين چاهي پيو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ اهو ملتوي ٿي پر ايئن نه ٿيو.
ٽيون اهم مسئلو ته مصنوعي ذهانت کي انسانيت لاءِ خطرو بڻجڻ کان روڪڻ ۽ انکي مڪمل طور انساني ڪٽرول ۾ رکڻ بابت ضابطا جوڙڻ بابت به بظاهر ڪا وڏي پيش رفت نه ٿي سگهي. جيتوڻيڪ ملاقات کان اڳ چين ۽ آمريڪا جي وزارتي سطح جي ڳالهين دوران اتفاق ڪيو ويو هو ته ٻئي ملڪ قومي سلامتي کي لاحق اي آءِ جي خطرن بابت هڪٻئي کي اطلاع ڏيڻ جو مڪينزم ٺاهيندا، پر ان بابت به ڪو اعلان سامهون ناهي آيو.
چين اڳ ۾ ئي مصنوعي ذهانت کي انساني ڪنٽرول ۾ رکڻ ۽ عوامي ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ، هٿيارن جي ڊوڙ کان هن شعبي کي پري رکڻ بابت ضابطا جوڙي چڪو آهي. پر صدر ٽرمپ جو خيال آهي ته هن شعبي جي ترقي جي رفتار سست نه ٿيڻ گهرجي، جيڪو ملڪ مصنوعي ذهانت ۾ اڳتي هوندو، دنيا تي ان جو ڪنٽرول وڌيڪ مضبوط رهندو.
چين ۽ آمريڪا ٻئي هڪٻئي تي شڪ ڪندا رهيا آهن ته هو حياتياتي هٿيار يعني بايولاجيڪل ويپن جن ۾ وائرس پڻ شامل آهن، ڳجهي طور ٺاهي رهيا آهن.
جيتوڻيڪ آمريڪا جي مصنوعي ذهانت جي وڏين ڪمپنين جي سربراهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ بريفنگ دوران مصنوعي ذهانت جي انسانيت لاءِ خطرناڪ بڻجڻ جو اقرار ڪيو ۽ عالمي ضابطن جي حمايت ڪئي پر پوءِ به ٽرمپ جي پاليسي ان جي ابتڙ آهي.
آمريڪا جون چين کان ڪهڙيون اميدون هيون؟
آمريڪا چاهي پيو ته يوڪرين ۽ ايران جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ چين ايران ۽ روس تي دٻاءُ وڌائي، آمريڪا جي موقف جي حمايت ڪري يا گهٽ ۾ گهٽ آمريڪي پابندين جي پوئواري ڪري پر چين ان ڏس ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي زباني خاطري کان وڌيڪ ڪو واعدو نه ڪيو آهي.
مئي 2026 ۾ صدر ٽرمپ جي دوري وقت چيني صدر آمريڪا کان سويا بين سميت زرعي جنسون خريدڻ ۽ 200 بوئنگ جهاز خريدڻ جو به اعلان ڪيو هو پر ان ڏس ۾ ڪا ٺوس پيش رفت به هن دوري ۾ نظر نه آئي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي هڪٻئي تي ڀروسو نه ڪرڻ واري پاليسي جي عڪاسي آهي.
عالمي مبصرن ۽ تجزيه ڪارن جي راءِ ڪهڙي آهي؟
دنيا جا اڪثر تجزيه ڪار ان ڳالهه تي متفق آهن ته 2017 ۾ جڏهن صدر شي جنپنگ آمريڪا جو دورو ڪيو هو ته ان وقت چين ڪافي شعبن ۾ آمريڪا کان پوئتي هو ۽ تجارت جي حوالي سان چين جو آمريڪا تي انحصار وڌيڪ هو پر هاڻي صورتحال مختلف آهي.
چين گذريل ڏهاڪي ۾ دنيا جي 122 ملڪن سان تجارتي ڀائيواري ايتري وڌائي آهي جو هاڻي هنکي آمريڪي واپاري منڊي جي گهڻي پرواهه ناهي. ٽيڪنالاجي ۾ چين ايترو اڳتي نڪري ويو آهي جو آسٽريليا جي هڪ ماهر آمريڪا ۽ چين جو تقابلي جائزو پيش ڪندي چيو آهي ته دنيا جي اهم 80 قسمن جي ٽيڪنالاجيز ۾ چين 60 ۾ آمريڪا کان اڳتي آهي ۽ رڳو 20 ٽيڪنالاجيز ۾ آمريڪا کي ٿوري ليڊ حاصل آهي، جيڪا پڻ ختم ٿي سگهي ٿي. هن عالمي پيٽنٽ رجسٽريشن جي ڊيٽا پيش ڪندي ٻڌايو ته چين جون 18 لک درخواستون رجسٽريشن لاءِ التوا ۾ آهن ۽ آمريڪا جون رڳو پنج لک درخواستون التوا ۾ آهن.
تحفن جي مٽا سٽا ۽ گنجي عقاب جو چرچو
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واشنگٽن ۾ هڪ شاندار سرڪاري عشائيي دوران چيني صدر شي جنپنگ کي گنجي عقاب جو هڪ مجسمو تحفي طور پيش ڪيو. گنجو عقاب اتر آمريڪا ۾ ملندڙ پکي آهي ۽ آمريڪا جي قومي علامت پڻ آهي.
خميس ڏينهن واري ڊنر ۾ خاص مهمانن آڏو تحفو پيش ڪندي ٽرمپ چيو ته اهو مجسمو ”آمريڪا جي آزاد ۽ بلند پرواز واري جذبي“ جي نمائندگي ڪري ٿو. هن ٻڌايو ته هن ۽ خاتونِ اول ميلانيا ٽرمپ به ان مجسمي جي ڊزائن ۾ حصو ورتو. هي مجسمو بين الاقوامي سفارتڪاريءَ جو هڪ اهم، پر ڪڏهن ڪڏهن پيچيده، روايت يعني تحفا ڏيڻ جو حصو آهي.
صدر ٽرمپ چيو ته گنجو عقاب سندن قومي علامت آهي، جنهن کي اميد آهي ته چين اهڙي اهم جاءِ ڏيندو جنهن سان تعلقات مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
اهڙا تحفا شي جنپنگ ۽ ٽرمپ جي ٽن ڏينهن واري سربراهي ملاقات جي وڏي مقصد، يعني ٻن عالمي سپر پاورز جي اڳواڻن وچ ۾ ذاتي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ، جو هڪ ننڍڙو پر اهم حصو آهن.
بي بي سي جي رپورٽ موجب دي ايشيا گروپ جي ساٿي ڊينيئل ڪرٽين برنڪ چيو، ”اهي سمورن پيچيده معاملن تي بحث ڪندا، پر آخرڪار اهي به ٻئي انسان ئي آهن.“ هن چيو، ”تنهنڪري اهو ذاتي تعلق اهميت رکي ٿو. منهنجي خيال ۾ تحفن جي ڏي وٺ ان جو هڪ اهم حصو آهي.“
ڪرٽين برنڪ 30 سالن کان وڌيڪ عرصو آمريڪي سفارتڪار رهيو آهي ۽ سندس گهڻو سفارتي تجربو ايشيا ۾ رهيو. سندس چوڻ آهي ته ذاتي لاڳاپا شي جن پنگ لاءِ خاص اهميت رکن ٿا.
هن جو خيال آهي ته ٽرمپ ۽ شي جن پنگ وچ ۾ سڌو ذاتي تعلق ئي ”دنيا جي سڀ کان پيچيده ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم لاڳاپي“ کي ڳنڍي رکڻ وارو عنصر آهي. هن چيو ته ٽرمپ پڻ ان شيءِ کي اهميت ڏئي ٿو، جنهن کي ڪرٽين برنڪ ”اڳواڻن جي سطح واري سفارتڪاري“ قرار ڏئي ٿو.
چين پاران آمريڪا لاءِ تحفن جو اعلان
چيني صدر شي جنپنگ اعلان ڪيو ته ائٽلانٽا جي هڪ چڙيا گهر کي ٻه چيني پانڊا تحفي طور ڏنا ويندا، جڏهن ته هڪ نئين شاگردن جي مٽاسٽا واري پروگرام جو پڻ اعلان ڪيو ويو، جنهن تحت ايندڙ پنجن سالن دوران هڪ لک آمريڪي شاگردن کي چين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڀليڪار ڪيو ويندو. شي جنپنگ چيو، ”وڏو پانڊا چيني ۽ آمريڪي عوام وچ ۾ دوستيءَ جو سفير رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن اندر ٻه پانڊا، پِنگ پِنگ ۽ فُو شوانگ، پنهنجي نئين گهر ائٽلانٽا زو پهچندا ۽ آمريڪي عوام سان ملندا.“
مئي 2026 ۾ جڏهن صدر ٽرمپ بيجنگ جو دورو ڪيو هو ته ان وقت تحفن جي مٽا سٽا بابت ڪو اعلان سامهون نه آيو هو. رڳو چين جي تاريخي شاهي باغ جي سير دوران صدر ٽرمپ گلاب جي گلن جا ٻوٽا ڏسي حيراني ظاهر ڪندي چيو هو ته اهڙا گلاب جا ٻوٽا هن زنگي ۾ اڳ ناهن ڏٺا. جنهن تي شي جنپنگ انهن جا ٻج کيس تحفي ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.
سفارتڪاري ۾ تحفن جي روايت
اڄ جي دور ۾ شاندار ۽ قيمتي تحفا ڏيڻ جي روايت گهڻو ڪري خليجي رياستن ۽ آمرانه حڪومتن ۾ وڌيڪ نظر اچي ٿي. جيڪي مختلف ملڪن ۽ حڪومتي سربراهن کي قيمتي تحفا ڏيندا آهن.
پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم عمران خان انهن مهانگن تحفن جي ڪيس ۾ قيد به ڪاٽي رهيو آهي.
اولهه جا ملڪ به تحفا ڏيندا آهن پر انهن ۾ ان بابت قانوني حدون مقرر ٿيل آهن. آمريڪا جي قانون موجب صدر ڪنهن کي به 525 ڊالر کان وڌيڪ ماليت جو تحفو نه ڏئي ٿو سگهي ۽ نه وٺي ٿو سگهي. جيڪڏهن وڌيڪ ماليت جو تحفو وٺندو ته اهو قومي ملڪيت هوندو ۽ صدر ان جي قيمت ادا ڪري اهو پاڻ وٽ رکي سگهي ٿو. جيڪڏهن 525 ڊالر جي ماليت کان وڌيڪ تحفو ڏيندو ته ان جي ڪانگريس کان منظور وٺندو يا صدر پنهنجي کيسي مان رقم ادا ڪندو.
اوباما ۽ شي جن پنگ جا تحفا
2013ع ۾ شي جنپنگ جي آمريڪا جي سرڪاري دوري دوران، ان وقت جي صدر باراڪ اوباما کيس ڪيليفورنيا ۾ ملندڙ ريڊ ووڊ ڪاٺ مان ٺهيل هڪ يادگاري بينچ تحفي ۾ ڏني هئي، جنهن تي خاص عبارت لکيل هئي. ٻنهي اڳواڻن بعد ۾ ان بينچ تي گڏ ويهي ڪيمرائن آڏو مرڪ پڻ ڏني هئي.
چيني ميڊيا ۾ گنجي عقاب بابت ڪهڙا تبصرا ٿي رهيا آهن؟
چيني ميڊيا گنجي عقاب کي قومي سڃاڻپ ۽ طاقت جي نشان طور ڏٺو پيو وڃي. چين جي ’نائو نيوز‘ ۾ ان جي تشريح باز جي تيز نظر واري سفارتڪاري سان ڪئي وئي آهي.
(international.caixin.com) چيني ميڊيا آئوٽ ليٽ چيو ته آمريڪا پنهنجي قومي نشان جو تحفو ڏنو ۽ چين به پنهنجي قومي فخر، پانڊا جو تحفو ڏنو، جيڪو ٻطرفي احترام ۽ مستقبل جي بهتر تعلقات جي خواهش کي ظاهر ڪن ٿا.
پر هتي اهو فرق رکڻ ضروري آهي ته هي تجزياتي/صحافتي تشريح آهي؛ ٽرمپ پاڻ به اهو نه چيو ته تحفي ۾ ڪا پوشيده ڌمڪي يا طاقت جو پيغام آهي ۽ نه ئي چين سرڪاري طور تي ان بابت ڪو تبصرو ڪيو آهي.
چيني صدر جي دوري جو نچوڙ
پهريون ڀيرو دنيا جي ٻن وڏين طاقتن هڪٻئي جي حيثيت کي تسليم ڪيو، ٻطرفي احترام ۽ مفادن جي تعلقات قائم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي صدرن تڪراري معاملن جو ذڪر ڪرڻ بدران تاريخ ۾ ٻنهي ملڪن جي تعاون بابت مثبت اپائن تي فوڪس ڪيو.
بظاهر ته ٻنهي طاقتن مستقبل ۾ بيلينسڊ لاڳاپن جي خواهش جو اظهار ته ڪيو پر ان جو دارومدار ٻنهي ملڪن جي نمبر ون واري ڊوڙ جي حوس تي هوندو، ان جو اندازو ايندڙ وقت ۾ سندن عملي قدمن مان لڳائي سگهبو.ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪا چين جي نئين تجويز ڪيل ملٽي پولر ورلڊ جي نئين آرڊر لاءِ ڪا لچڪ پيدا ڪري ٿو يا يونيپولر ورلڊ واري ڪمزور ٿيندڙ آمريڪي آرڊر کي جاري رکڻ تي بضد رهي ٿو. (اعجاز مهر جو هي مضمون 25 سيپٽمبر تي روزاني سنڌيار جي ويب سائيٽ www.dailysindhyar.com تي شايع ٿيو ۽ 26 سيپٽمبر جي سنڌيار اخبار جي پرنٽ ايڊيشن ۾ شايع ٿيندو.)










