عدالتي حڪم بعد اڳ ۾ انڪار، بعد ۾ ڪوريج جي اجازت ملي وئي

عدالتي حڪم بعد اڳ ۾ انڪار، بعد ۾ ڪوريج جي اجازت ملي وئي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)عدالتي حڪم بعد اڳ ۾ انڪار ۽ بعد ۾ منجهند کانپوءِ سي اين اين، پوليٽيڪو ۽ ايم ايس نائو کي وائيٽ هائوس جي ڪوريج جي اجازت ملي وئي آهي. ان کان اڳ عدالتي حڪم باوجود خميس ڏينهن پوليٽيڪو، ايم ايس ناؤ ۽ سي اين اين جي رپورٽرن کي وائيٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو هو جنهن بعد ٻئي ميڊيا به چيني صدر جي لائيو ڪوريج ج بائيڪاٽ ڪيو هو.
جڏهن ته ان کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ هڪ جج قرار ڏنو هو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان انهن ٽنهي خبرن جي ادارن تي لڳايل پابندي ممڪنه طور آئين جي خلاف آهي ۽ انهن کي فوري طور ٻيهر وائيٽ هائوس تائين رسائي ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.
رائٽرز موجب آمريڪي ضلعي جج ٽِم ڪيلي رات دير سان جاري ڪيل پنهنجي فيصلي ۾ ٽرمپ جي پابندي کي 14 ڏينهن لاءِ روڪي ڇڏيو. اهو ٽرمپ لاءِ ميڊيا سان جاري سندس اهم ترين تڪرارن مان هڪ ۾ وڏو ڌڪ قرار ڏنو پيو وڃي.
پوليٽيڪو موجب، جج ڪيلي طرفان ٽرمپ جي پابندي عارضي طور روڪڻ کان پوءِ به پوليٽيڪو جي رپورٽر جا وائيٽ هائوس ۾ داخلا جا اجازت ناما واپس ورتا ويا.
ايم ايس ناؤ جي هڪ رپورٽر پڻ ٻڌايو ته کيس وائيٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو، جڏهن ته سي اين اين چيو ته ان جي ڪجهه عملي کي وائيٽ هائوس جي احاطي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي.
ايم ايس ناؤ جي رپورٽر لورا بارون لوپيز وائيٽ هائوس جي احاطي کان ٻاهر پنهنجي نيٽ ورڪ سان ڳالهائيندي چيو ته اهو واضح ناهي ته کيس داخل ٿيڻ کان روڪڻ عدالت جي حڪم جي کليل خلاف ورزي هئي يا وائيٽ هائوس جي داخلا واري نظام ۾ ڪو مسئلو هو.
وائيٽ هائوس جي نمائندن فوري طور تي تبصري لاءِ موڪليل درخواست جو جواب نه ڏنو.
جج جو حڪم
جج ڪيلي پنهنجي حڪم ۾ چيو ته وائيٽ هائوس طرفان صحافين جا وائيٽ هائوس ۾ داخلا جا اجازت ناما واپس وٺڻ سان ”ممڪنه طور انهن جي آئيني قانوني عمل جي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي.“
جج آمريڪي انصاف واري وزارت جي انهن قومي سلامتي بابت دليلن تي پڻ شڪ ظاهر ڪيو، جن کي پابنديءَ جو جواز بڻايو ويو هو.
جج نشاندهي ڪئي ته ٽرمپ پاڻ چيو هو ته اها ڪارروائي ان ڪري ڪئي وئي، ڇاڪاڻ ته صدر جي دعويٰ موجب انهن ميڊيا ادارن طرفان غلط يا منفي خبرون نشر ڪيون پئي ويون.
ٽنهي ميڊيا ادارن جي وڪيل ٿيوڊور بُوٽروس عدالتي فيصلي جي واکاڻ ڪندي هڪ بيان ۾ چيو: ”هي هڪ مضبوط فيصلو آهي، جيڪو صحافت جي آزادي، قانوني عمل ۽ قانون جي حڪمراني جي حق کي تحفظ ڏئي ٿو. اسان عدالت جي تيز رفتار ڪارروائي کي تمام گهڻو ساراهيون ٿا.“
صحافت جي آزادي لاءِ گروهن جي حمايت
صحافت جي آزادي لاءِ ڪم ڪندڙ گروهن جي اتحاد ۽ ڪيترن ئي درجن خبرن جي ادارن، جن ۾ رائٽرز پڻ شامل آهي، اربع ڏينهن عدالت ۾ قانوني دستاويز جمع ڪرائي ٽنهي ميڊيا ادارن جي حمايت ڪئي هئي.
ٽرمپ 18 سيپٽمبر تي سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ذريعي پوليٽيڪو، ايم ايس ناؤ ۽ سي اين اين تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو هو.
ان کان پوءِ انهن ٽنهي ميڊيا ادارن سومر ڏينهن ٽرمپ ۽ سندس انتظاميا جي ٻين عملدارن خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو.
ٽنهي ادارن جو موقف هو ته پابندي آمريڪي آئين جي پهرين ترميم تحت اظهار جي آزادي ۽ آزاد صحافت کي حاصل تحفظ سان گڏوگڏ انهن جي قانوني عمل جي حقن جي به ڀڃڪڙي ڪري ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو