مظفرآباد: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جو نامزد اميدوار ڊاڪٽر نجيب نقي 32 ووٽ کڻي آزاد ڪشمير جو نئون صدر چونڊجي ويو. ڊاڪٽر نجيب نقي آزاد ڪشمير جو 25هون صدر چونڊجي ويو آهي.صدارتي چونڊون ۽ نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ دعوت ناما به جاري ڪيا ويا آهن، نئون چونڊيل صدر اڄ ئي پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو. آزاد جمون، ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي 45 ميمبرن صدر جي چونڊ ڪئي، پولنگ ٻنپهرن جو هڪ وڳي تائين جاري رهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر نجيب نقي 32 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو.پيپلز پارٽي جي اميدوار چوڌري لطيف اڪبر 13 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته هڪ ميمبر غير حاضر رهيو. وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر نجيب نقي کي صدر آزاد جمون، ڪشمير چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.هن چيو ته ڊاڪٽر نجيب نقي جي چونڊ آزاد جمون، ڪشمير جي عوام جي اعتماد جي نشاني آهي، اميد آهي ڊاڪٽر نجيب نقي پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان انجام ڏيندي آزاد جمون ڪشمير جي ترقي، خوشحالي ۽ عوامي فلاح جي لاءِ بهتر ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف آزاد جمون، ڪشمير جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت جي ڀرپور تعاون جي ارادي جو اظهار ڪيو.پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف ڊاڪٽر نجيب نقي کي آزاد جمون، ڪشمير جو 25هون صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن صدر جمون، ڪشمير ڊاڪٽر نجيب نقي جي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو ويو.ڊاڪٽر نجيب نقي جو تعلق پونچهه ڊويزن جي تڪ سدهنوتي پلندري سان آهي اهو 2006 کان 2011 تائين آزاد ڪشمير جو صحت وارو وزير رهيو. جڏهن ته(ن) ليگ جي 2016 کان 2021 جي حڪومت ۾ به صحت وارو وزير رهيو.










