سکر: بيروزگاري کان پريشان نوجوان جي مبينا خودڪشي

سکر: بيروزگاري کان پريشان نوجوان جي مبينا خودڪشي

سکر: (ن س) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد آچر گھٽي، بئراج روڊ واري علائقي ۾ 24 ورهين جي نوجوان باسط علي ولد محبوب ڀٽو مبينا طور خودڪشي ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو ذريعن موجب باسط علي بي ايس سي پاس هو ۽ بيروزگار هجڻ سبب پريشان رهندو هو واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي ضروري قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته واقعي جا مڪمل سبب معلوم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ تحقيق جاري آهي ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي نوجوان جو والد پوليس کاتي ۾ اهلڪار آهي ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان جو والد محبوب ڀٽو سنڌ پوليس ۾ ملازم آهي. پٽ جي فوت ٿيڻ جي اطلاع ملڻ تي گهرڀاتين تي قيامت برپا ٿي وئي، جڏهن ته والدين پنهنجي جوان پٽ جي اوچتي موت تي غم وچان نڊهال نظر آيا.واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي ضروري ڪارروائي ڪئي، جڏهن ته نوجوان جي اوچتي موت سبب علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ وارو ماحول ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو