جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ سموري توجهه ثالثي تي آهي: شهباز شريف

جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ سموري توجهه ثالثي تي آهي: شهباز شريف

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي سموري توجهه ايران جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ ثالثي جي ڪوششن تي مرڪوز آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مخلص ۽ ايماندار ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.شهباز شريف موجب مفاهمتي يادداشت تي سندس، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايراني صدر سميت لاڳاپيل ڌرين صحيحون ڪيون هيون، پر بدقسمتي سان ان کانپوءِ پيش آيل واقعا غير متوقع هئا. هن چيو ته پاڪستان جي سموري توجهه ان ئي معاملي تي آهي، اميد نه ڇڏي آهي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ اڳڀرائي لاءِ پاڪستان مڪمل طور پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته امن لاءِ ڪوششون هڪ مسلسل عمل آهن ۽ سمورا دوست ملڪ امن جي حصول لاءِ پنهنجي پنهنجي سطح تي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو